افغان شهرين بابت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو وڃي:جماعت اسلامي

ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي سنڌ ملڪ ۾ بروقت ۽ شفاف چونڊن کي آئيني ۽ قانوني ضرورت قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کان جلد  تاريخ جو اعلان ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي، قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل سنڌ جي مجلس عامله جي اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي امير محمد حسين محنتي چيو ته مھانگائي توڙي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جي بھتري سميت مڙئي مسئلن جو واحد حل عام چونڊون آھن.سردي گرمي ۽ معيشت جي استحڪام تائين چونڊن ۾ دير جو ڳالھيون دستور جي ابتڙ ملڪ ۽ قوم جي مفاد پڻ نه آھي، بروقت ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن جلد چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري پنھنجي ذميداري پوري ڪري ۽ چونڊن ۾ تاخير جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ خدشن کي ختم ڪري، هن ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين جي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان چيو ته ڇڪتاڻ بدران ٻئي حڪومتون گڏجي ڪري پر امن ۽ با عزت طريقي سان افغان مھاجرن جي واپسي کي ممڪن بڻايووڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.