والاريل بيت المقدس(م ڊ) عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي اسرائيلي پارليامينٽ جي ميمبر عفر ڪاسف چيو ته هن بنيامين حڪومت کي فلسطيني حملن بابت خبردار ڪيو آهي مون چيو هو ته فلسطيني زمينن تي غير قانوني قبضي جي نتيجي ۾ حملن جو خدشو آهي.هن اسرائيلي حڪومت کي چيو ته جيڪڏهن فلسطينين سان بدسلوڪي بند نه ڪئي وئي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.اسرائيلي ايم پي اي چيو ته هو معصوم شهرين تي حملن ۽ جارحيت جي مخالفت ڪري ٿو.اسرائيل جي فاشسٽ حڪومت فلسطينين جي قتل عام جي حمايت ڪري ٿي، اسرائيلي حڪومت نسل ڪشي ڪري رهي آهي.