سڄاڻ ڌرين طرفان سمورن غيرملڪين جي نيڪالي جو مطالبو

ٺٽو: ٺٽي جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ قومپرستن ٺٽي ضلعي ۾ رھندڙ افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي فوري طور نيڪالي ڏيارڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي  ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ آرمي چيف جي موجودگي ۾ ايپڪس ڪميٽي جو واضح فيصلو آيو آھي ته غير ملڪي افغانين کي واپس موڪليو وڃي پر اڃان تائين ٺٽي ۾ ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر جلال شاھ، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، سنڌ ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ، عوامي تحريڪ جي رزاق چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، ايس يو پي ضلعي صدر عمران خشڪ، جست جي ضلعي صدر راول ڪرناڻي، سماجي اڳواڻن عبدالجبار ڀنڀرو، گل ھالو ۽ ٻين چيو ته افغاني سنڌ جي وسيلن تي بار آھن، اسان وفاقي حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، سمورن افغانين کي بنا ڪنھن دير جي پنھنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.