ملڪ فقير بڻجي ويو ته نوازشريف ياد آيو: مريم نواز

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هن ملڪ جا سٺا ڏينهن واپس اچڻ وارا آهن، جيڪڏهن توهان اسان سان گڏ رهو ته نواز شريف سان گڏجي هن ملڪ جي تقدير بدلائي  ڇڏينداسين.لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر تي واپسي ڪندڙ شخص اقتدار کان وڌيڪ ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن.مريم نواز چيو ته چئن سالن تائين اهڙن مشڪرن جي حڪومت رهي، جنهن ۾ وڌيڪ گارگند ڪندڙن کي وزارتون مليون، ڪالهه اسان تي خراب وقت آيو، هنن ڏينهن رات اسان سان بدتميزي ڪئي، اسان تي الزام لڳا، اسان ائين نه ڪنداسين، هن چيو ته ملڪ پينو بڻجي ويو ته نوازشريف ياد اچي ٿو، نوازشريف کي نه ڪڍيو وڃي ها ته ملڪ جو اهو حال نه ٿئي ها،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.