دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ مظاهرا

ڪراچي(م ڊ)دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مظاهرا جاري آهن.گذريل ڏينهن اسرائيل تي حماس  جي منظم ۽ ڪامياب حملي کانپوءِ فلسطين جي مختلف علائقن ۾ جشن ملهايو ويو، نوجوانن غزه ۾ اسرائيل جي تباهه ٿيل ٽينڪن ۽ موبائيلن تي بيهي نعريبازي ڪئي.ان کان علاوه حماس جي حملي تي ايران ۾ به جشن ملهايو پيو وڃي، تهران ۾ فلسطين اسڪوائر تي آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته ترڪي جي شهر استنبول ۾ يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مظاهرين فلسطين ۽ مزاحمتي تحريڪ حماس جا جهنڊا کڻي رهيا هئا.يمن جي راڄڌاني صنعا ۾ هزارين ماڻهو فلسطينين جي حمايت ۾ نڪري آيا ۽ اسرائيل جي حملن تي جشن ملهايو.يمن کان علاوه عراق ۽ اردن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ حماس جي حمايت ۾ مظاهرا ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.