نادر مگسي جي چوڻ تي سرور چانڊيو کي قتل ڪيو ويو: وارثن جو بيان قلمبند

ميھڙ(ن ع آ)13 ڏينھن اڳ ٻيٽو جتوئي ڀرسان ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي ميھڙ پوليس وٽ  مقتولن جي وارثن ۽ شاھدن جو قلم 161 وارو بيان قلم بند ڪري ورتو، مقتول جي ٻن سئوٽن منور علي چانڊيو ۽ ديدار علي چانڊيو ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي قلم 161 وارو بيان رڪارڊ ڪرايو مقتولن جي وارثن پنھنجي161 واري بيان ۾ چيو ته اسان جو علي مردان عرف جبل مگسي وارن سان خوني تڪرار ھلندڙ ھو، پ پ اڳواڻ مير نادر مگسي ڪيترائي دفعا اسان کي ڌمڪيون ڏياري موڪليون ھيون ته منھنجي مگسي برادري سان فيصلو ڪيو نه ته توھان کي نقصان ٿيندو، 25 سيپٽمبر تي نادر مگسي جي چوڻ تي ذاتي تڪرار تان ٽن جوابدارن علي مردان عرف جبل مگسي، انور مگسي ۽ سڪندر مگسي اسان جي سئوٽ غلام سرور چانڊيو کي ٻيٽو جتوئي ڀرسان بيدردي سان قتل ڪيو آھي، قانوني ماھرن موجب مقتولن جي وارثن ۽ شاھدن جي قلم 161 واري بيان بعد نادر مگسي مقتول جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿي ويو، جڏهن ته عدالت ۾ مقتول جي وارثن توڙي شاھدن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪرايا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.