ڪراچي(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته افغان پناهگيرن جو مسئلو تدبر سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.هڪ بيان ۾ شاهي سيد چيو ته موجوده صورتحال ۾ سمورن غير قانوني مهاجرن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃڻ گهرجي.هن چيو ته جن ماڻهن وٽ مڪمل شهريت جي سند آهي انهن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن ماڻهن کي سياسي پناهه ڏني وڃي جن جي ملڪ ۾ جان کي خطرو آهي.شاهي سيد جو اهو به چوڻ آهي ته هو حڪومت کي اپيل ٿا ڪن ته افغان پناهگيرن جي باعزت واپسي لاءِ ڪو ميڪنزم ٺاهيو وڃي.