سنڌ حڪومت لکين پرڏيھين کي واپس موڪلڻ جا انتظام ڪري: ٺهراءَ

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ بچايو ملڪ  چايو جلسي عام ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غير آئيني ۽ غير قانوني طرح لکين افغانين، بھارين، ڀارتين، ايرانين، برمين، روهنگين ۽ ٻين غير ملڪين کي سنڌ ۾ آباد ڪري، سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبا بندي تي عمل ڪيو ويو. ھي جلسي عام مطالبو ٿو ڪري ته هاڻوڪي وفاقي سرڪار جي غيرقانوني پرڏيھين کي نيڪالي جي تازي فيصلي تي سنڌ حڪومت فورن عمل ڪرائي لکين پرڏيھين کي واپس موڪلڻ جو فوري انتظام ڪري. پيٽرول، اٽي، کنڊ، گيهھ، بجلي، گئس، تيل ۽ دوائن جون قيمتون گهٽايون وڃن. سنڌي سميت ٻين وحدتن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپئنچي ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني جرڳا روڪيا وڃن. سنڌ سرڪار ۽ انتظاميه ضلعن ۾ وڌندڙ بدامني, لاقانونيت، ڦرن، ڌاڙن ۽ اغوائن ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي فاطمه ڦرڙو، صحافي جان محمد مھر، اصغر کنڊ، نازيہ چنا، پروفيسر اجمل ساوند، تانيا خاصخيلي، نمرتا ڪماري، نوشين ڪاظمي، نائلا رند، ناظم جوکيو، دودو ڀيل، ڪانها ڪمار، فهميده سيال ۽ ٻين کي بيدرديء سان قتل ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. نازيا کوسو، پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، عمران جوکيو ۽ ٻين اغوا ٿيل مردن ۽ عورتن کي آزاد ڪرائڻ لاء جوڳا اپاءُ وٺي کين جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي. پاڪستان جي وجود جي اصل دستاويز 1940 واري قرارداد جي نفي ڪندي پاڪستان ۾ شامل آزاد ۽ خودمختيار قومن سان ظلم ۽ جبر جون نيون تاريخون رقم ڪيون آهن. پاڪستان اڄ جنھن خطرناڪ معاشي ۽ سياسي بحران کي منهن ڏيئي رهيو آهي ان جو واحد حل محمد علي جناح جي سيڪيولر اصولن، برابري ۽ 1940 واري قرارداد تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آھي. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم ۽ ڪئنال نه ٺاھيو وڃي. زبردستي وھندڙ ٻہ ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن. گريٽر ٿل ڪئنال ون ۽ ٽو سميت ٻيا سمورا منصوبا بند ڪيا وڃن ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن ۾ فين جي واڌ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي سپريم ڪورٽ ۾ توازن ۽ برابري لاءِ ڪي به 4 قابل، ايماندار ۽ باصلاحيت سنڌي جج کنيا وڃن  سنڌ جي سمورن شھيدن؛ محمد فاضل راھو، ذوالفقار علي ڀٽو، صبغت الله شاھ، بينظير ڀٽو، غزاله بتول صديقي، شبير بليدي، ستار انڙ، نظير عباسي، مرتضى ڀٽو، نواز ڪنراڻي، عاشق جوڻيجو، بشير خان قريشي، خالد محمود سومرو، شاھنواز ڀٽو، 12 مئي، 9 اپريل، 22 مئي، 1 آڪٽوبر، نواب ولي محمد، ماڙي جلباڻي جي شھيدن ۽ ٻين هزارين بي گناهه شهيدن جي خونن سان انصاف ڪرڻ لاءِ انھن جا ڪيس نئين سر ھلايا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.