حماس جي حملن ۾ 700 اسرائيلي مارجي ويا،غزا تي بمباري،سوين فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) غزا ۾ حماس جي حملي جي جواب ۾ 370 فلسطيني هيل تائين اسرائيلي حملن جو نشانو بڻجي ويا آهن، جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 2 هزار 200 کان وڌي ويو آهي.ڇنڇر جي صبح غزا مان اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ڇڙي وئي، فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي حملن ۾سينئر فوجي ڪرنل، فوجين سميت  700 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، جڏهن ته سوين زخمي ۽ ڪيترائي يرغمال بڻايا ويا،حماس جي حملن کانپوءِ اسرائيل جي جوابي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 413 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه هزار 200 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن،اسرائيلي فوج چيو آهي ته غزا ۾ 800 هنڌن تي بمباري ڪئي آهي،حماس جا 100 کان وڌيڪ ويڙهاڪ ماريا ويا آهن، هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيل ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ۾ 15 اسرائيلي مارجي ويا.عرب ميڊيا موجب حماس عسقلان ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي حملو ڪيو، حماس اسرائيلي فوجي اڏي تي حملي جي وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي.حماس جي مزاحمتي ويڙهاڪن فوجي اڏي تي هٿياربند ۽ ڳري هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو، جنهن دوران 15 اسرائيلي مارجي ويا جڏهن ته اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ حماس جا 4 ميمبر شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيل جي 8 شهرن ۾ اسرائيلي فوجين ۽ حماس جي مزاحمتڪارن وچ ۾ اڃا تائين ويڙهه جاري آهي.غزه شهر جي نيورو هيبليٽيشن ۽ پين ميڊيسن جي صلاحڪار ڊاڪٽر خامس ايلسي بي بي سي کي ٻڌايو: ’غزا ۾ جتي به وڃو، جنازا ڏسن ٿا، هر هنڌ توهان کي موت نظر اچي ٿو. اهو ائين آهي ته توهان ڌرتيء تي زندگي جي خاتمي بابت فلم ڏسي رهيا آهيو، حماس يرغمالين (اسرائيلي) کي زير زمين منتقل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ اسرائيل لاءِ انهن کي ٽريڪ ڪرڻ تمام ڏکيو بڻائي ڇڏيو،هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو،هوڏانهن نيتن ياهو چيو آهي ته اسان هڪ ڊگهي ۽ مشڪل جنگ جي شروعات ڪري رهيا آهيون، جيڪا اسان تي حماس جي قاتلاڻي حملي ذريعي ٿاڦي وئي آهي،اسان جارحاڻو مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جتي حماس لڪيل آهي اسان انهن جاين کي ملبي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين،ان ويڙهه اسرائيل کي غزا جي بجلي، ٻارڻ ۽ شين جي فراهمي بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن حزب الله چيو آهي ته اسرائيلي هنڌن تي وڏي انگ ۾ توپ جا گولا ۽ گائيڊڊ ميزائل فائر ڪيا آهن،حماس چيو ته اسان وٽ نيتن ياهو جي تصور کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي ۽ شهري يرغمال آهن، ٻئي پاسي برطانوي وزيراعظم به اسرائيلي وزيراعظم کي فون کي مڪمل ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.