ڪراچي(رپورٽر) بلوچستان جي سڌ سماءَ واري نگران وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته غير قانوني پرڏيهين بابت ڪو به دٻاءُ قبول ناهي، مهاجرن جي واپسي رياستي پاليسي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جن کي پناهه ڏني وئي اهي احسان وساري ويٺا آهن، ڏوهن ۾ افغاني ملوث آهن، ڪنهن کي به ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ جي اجازت ناهي، مهاجرن کي هر صورت ۾ ڊيڊ لائن تائين واپس وڃڻو پوندو، جان اچڪزئي چيو ته افغانين کي پناهه ڏني وئي. سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪنداسين، ايمل ولي خان جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان هڪ خودمختيار رياست آهي، اسان وٽ پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي، نگران وزير چيو ته پاڪستان 40 سالن کان افغان پناهگيرن جو بار برداشت ڪيو آهي، جان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي نارمل حالت ڏانهن وٺي وڃڻو آهي، ماضي جون غلطيون نه ورجنديون، پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۾ مداخلت کان پاسو ڪري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي ادارن جا ماڻهو سرحدن تان پرڏيهين جي اچڻ ۾ ملوث هئا پر هاڻي جيڪڏهن ڪنهن به اداري خلاف سرحدن تي غير قانوني مهاجرن جي مدد جي شڪايت ملي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جيستائين سرحدن تان پرڏيهين جي آمد جو تعلق آهي ته ان ۾ اسان جي ادارن جا ماڻهو ملوث آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي.هن چيو ته ماضي ۾ غير قانوني پناهگيرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي جيڪا غلط هئي پر هاڻي رياست فيصلو ڪيو آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير واضح نموني سڀني جي سامهون چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ايف سي اهلڪارن سميت ڪنهن به اداري جي اهلڪارن خلاف شڪايت ملي ته نه رڳو ان جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو بلڪه مان پاڻ ان کي جيل ۾ وجهندس