ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ رينجرز جو مغوين جي بازيابي لاءِ گهوڙاگهٽ ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪري 2 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس موجب گهوڙاگهٽ ڪچي ۾ ڊي ايس پي اربيلو بنگوار،سي آءِ اي انچارج محمد حنيف کوسو ٽيم مسلسل ڪچي ۾ آپريشن ۾ مصروف هئي پوليس ۽ رينجرز ايس ايس پي روحيل کوسو جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪري 2 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي.جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحيل کوسو ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ بعد مغوين کي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ وٺي آيو،ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 5 ڏينهن کان پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن هلندڙ هو.پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪاروائي ۾ 40 کان وڌيڪ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هڪ مهيني دوران 16 مغوين کي بازياب ڪرايو آهي. 8 مهينا اڳ اغوا ٿيندڙ نازيه کوسو ۽ ڪوثر کوسو کي به بازياب ڪرائينداسين.