ڪيش وين مان چوري ڪيل 5 ڪروڙ 55 لک رپيا هٿ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ضلعي ڪورنگي پوليس آپريشن ۽ انويسٽيگيشن يونٽ جو ٽيڪنيڪل بنيادن تي  گڏيل آپريشن ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ڪيش وين مان 6 ڪروڙ 35 لک رپيا چوري ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿو، ٻن حصن ۾ 4 جوابدارن وٽان 5 ڪروڙ 55 لک رپيا هٿ ڪيا ويا.ڪورنگي پوليس جي ٽيڪنيڪل ٽيم پنجاب پوليس جي مدد سان اهم جوابدار جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو. پنجاب جي ضلعي وهاڙي  مان جوابدار زين کي گرفتار ڪري 5 ڪروڙ 31 لک هٿ ڪيا ويا. 6 ڪروڙ 35 لک جي چوري ۾ ملوث جوابدار روز پنهنجو گهر مٽائي رهيا هئا. ڪورنگي پوليس جي  ٽيڪنيڪل ٽيم هري پور هزاره ۾  جوابدارن جو پتو لڳائي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.آپريشن اينڊ انويسٽيگيشن پوليس جي اهلڪارن ٽيڪنيڪل ٽيم سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار ٽن جوابدارن حميد، عطاءُ الرحمان ۽ عرفان وٽان 24 لکن جي چوري ٿيل رقم جو ٻيو حصو هٿ ڪيو ويو. مفرور جوابدارن زوهيب ۽ راشد جي گرفتاري لاءِ مسلسل ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.