پرڏيهين جي ڪاروبار ۽ ملڪيتن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي ڪاروبار ۽ ملڪيتن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو  آهي.سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب جيڪڏهن پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين 31 آڪٽوبر تائين ملڪ نه ڇڏيو ته سندن ڪاروبار ۽ ملڪيتن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙو فيصلو نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.ياد رهي ته ان اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف حافظ عاصم منير به شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.