ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ نيلم ڪالوني جي داخلي ۽ خارجي رستن کي سيل ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي، 40 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ 14 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پوليس ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ غير قانوني طور رهندڙ 94 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، غير رجسٽرڊ افغان شهرين خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 22 هزار غير قانوني افغانين جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف افغان پناهگيرن جي گهرن جي واپسيءَ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان خاندانن جي واپسي ۾ رڪارڊ تيزي آئي آهي.افغان ڪمشنري ذريعن موجب 57 افغان خاندانن کي کڻي 30 ٽرڪون اڄ طورخم بارڊر ڪراسنگ تي پهچي ويون آهن، واپس ايندڙ 57 افغان خاندانن ۾ 391 ماڻهو شامل آهن، افغان خاندانن کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.