اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ پاران هڪ ٻي 9 مئي جي تياري ٿي رهي آهي، 9 مئي هن ڀيري انقلابي نه سياسي هوندو،هن ڀيري آرمي چيف عاصم منير نه سهي نوازشريف نشانو هوندو، عمران خان جي خواهش آهي ته نوازشريف جو استقبال استقبال نه رهي، ناڪاري مهم هلائي وڃي، ماڻهو نوازشريف جي ريلي ۾ وڃن، آرمي چيف جي حوالي سان هڪ ايڊيٽڊ وڊيو هلي رهي آهي، آرمي چيف هڪ شادي جي تقريب جي شرڪت لاءِ ويل هو،ان وڊيو ۾ عمران خان زنده باد جا نعرا هنيل ڏيکاريا ويا آهن، اها وڊيو ٺاهيندڙ پڪڙيا ويندا، بعد ۾ ان قسم جا ماڻهو توبهه تائب ڪندا ته اسان عمران خان جي محبت ۾ ڀٽڪجي ويا هئاسين، ن ليگ جي جلسي ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو وڃي گند ڪري سگهن ٿا، ن ليگ لاءِ هن وقت ملڪ ۾ حالتون سازگار ناهن، بشريٰء بي بي جا لاهور ۾ ڪنهن سان رابطا ٿيا آهن جنهن کانپوءِ اهو پلان ليڪ ٿيو آهي هاڻي ن ليگ جو امتحان آهي ته اها نوازشريف جي آجيان واري جلسي ۾ رنگ ۾ ڀنگ وارو پلان ڪيئن ٿي ناڪام بڻائي