ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي هرات ۾ گذريل رات آيل شديد زلزلي ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
افغان اختيارين موجب هرات صوبي ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب انفرا اسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته بادغيس ۽ فرح صوبي ۾ به آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا.
اختيارين ٻڌايو آهي ته زلزلي سبب ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب زلزلي جي نتيجي ۾ 600 کان وڌيڪ گهر ۽ 4200 ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته ملبي مان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز هرات کان 40 ڪلو ميٽر اتر اولهه ڏانهن هو، جڏهن ته زلزلي کانپوءِ 8 طاقتور آفٽر شاڪس به اچي چڪا آهن، جن جي شدت به وڌيڪ محسوس ڪئي وئي.
You might also like