اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 313 ٿي ويو، 2 هزار کان وڌيڪ زخمي

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ حماس جي حملي جي جواب ۾ 313 فلسطيني هيل تائين اسرائيلي حملن جو نشانو بڻجي ويا آهن، جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي.
ڇنڇر جي صبح غزا مان اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ڇڙي وئي، فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي حملن ۾ فوجين سميت 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، جڏهن ته سوين زخمي ۽ ڪيترائي يرغمال بڻايا ويا.
حماس جي حملن کانپوءِ اسرائيل جي جوابي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 313 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.