پاڪستان جو اسرائيلي قابض فوج کان فلسطينين تي ظلم فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان کي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ معصوم جانيون ضايع ٿيڻ تي سخت ڳڻتي آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ جليل عباس جيلاني چيو ته موجوده صورتحال ۾ فلسطينين سان يڪجهتي طور بيٺا آهيون ۽ اسرائيلي قابض فوج جي تشدد ۽ جبر کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.
هن چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ۽ 1967 کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عمل جوڳي ۽ خود مختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي تڪرار جي خاتمي ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، عالمي برادري وچ اوڀر ۾ ڊگهي امن لاءِ فوري طور مداخلت ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.