پلاند وٺنداسين، فلسطيني غزا خالي ڪن: اسرائيلي وزيراعظم ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم غزا تي حملي جي ڌمڪي ڏيندي فلسطينين کي غزا خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.
اسرائيلي اخبار موجب وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته حماس کان پلاند وٺنداسين، اسرائيل هر جاءِ تي ڀرپور طاقت جو استعمال ڪندو.
هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، هيءَ جنگ ڊگهي ۽ ڏکي هوندي، فلسطيني غزا خالي ڪري ڇڏين.
سندس چوڻ هو ته ڇنڇر ڏينهن جيڪو ٿيو اهو ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو اسرائيلين لاءِ ڏکيو ڏينهن هو، يقيني بڻايو ويندو ته اڳتي ڪڏهن به ائين نه ٿئي.
نيتن ياهو چيو ته جن اسرائيلين کي يرغمال بڻايو ويو آهي، انهن جي تحفظ جي ذميوار حماس هوندي، ڪنهن جي وارَ کي به تئو آيو ته حساب وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.