چونڊون دير سان ڪرائڻ تي نوازشريف، آصف زرداري، فضل الرحمان سميت سڀ اعتماد ۾ ورتل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ميڊيا بيٺڪ ۾ وي لاگر امداد سومري،عمران شفقت، گوهر بٽ، معظم فخر،وجاهت مسعود چيو آهي ته نوازشريف ته واپس اچي رهيو آهي پر اليڪشن جنوري ۾ به نه پئي ڏسڻ ۾ اچي،  اسحاق ڊار چوي ٿو ته نگران حڪومت کي 6،7 مهينن تائين رڳو حاضري لڳائڻ تائين ته نه رکيو ويو آهي، اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو هڪ جواز تڪبنديون ٻيو افغان پناهگيرن جي واپسي آهي، 30 لک افغاني غيرقانوني طور رهائش رکندڙ آهن انهن جي نيڪالي لاءِ گهٽ ۾ 6،5 مهينا ته گهربل هوندا، ايپڪس ڪميٽي۾ افغانين بابت انگ اکر ڏنا ويا، انهن جي واپسي لاءِ انتظاميا، پوليس ۽ پيراملٽري فورسز جو سڄو فوڪس اوڏانهن هوندو، اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي گهرندي ته چيو ويندو ته اسان ته غيرقانوني افغاني ڪڍڻ ۾ لڳا پيا آهيون، نوازشريف کي به پارٽي جي ڪمزور پوزيشن تي عوام جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو، نوازشريف کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهڻ لاءِ اليڪشن ۾ دير ڪئي پئي وڃي، نوازشريف کي ڪمزور پوزيشن تي ٽيڪ آف لاءِ وقت گهربل آهي،نوازشريف پنهنجي بيانئي جو 95 سيڪڙو حصو ختم ڪري واپس پيو اچي، پ پ، ن ليگ، فضل الرحمان سميت سڀني کي  اليڪشن دير سان ڪرائڻ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ويو آهي،پراجيڪٽ عمران اڃا تائين ناڪام ناهي ويو، بلڪه پراجيڪٽ عمران خان ڀرپور طريقي سان هلي رهيو آهي، پراجيڪٽ عمران خان ۾ رڳو عمران خان جو چهرو نه کپي،بلڪه اهو ته طاقتورن جو ويزن آهي، سيڙپڪاري، نجڪاري جو عمل به ٿيڻو آهي، ان ۾ به وقت لڳندو، اهو به فيصلو ٿي چڪو آهي ته ايندڙ حڪومت ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به رول نه هوندو، پاڪستان هلائڻ لاءِ ساليانو 12،11 ارب ڊالر گهربل آهن، ريڪوڊڪ محمد بن سلمان کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيو نيوز سندس 6 ڀيرا دوري جي خبر هلائي آهي پر هو دورو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سينٽرل پنجاب ۾ نوازشريف جي مقابلي لاءِ ڪو به  ماڻهو ناهي، جيڪو مقابلو ڪندو ان شخص(عمران) کي توهان جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي،

  • پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن کي ٽي وي اسٽوڊيو ۾ آڻڻ صحافت لاءِ شرم جوڳو، نوازشريف تي ن ليگ ورهايل

اسلام آباد(عوامي آواز ) صداقت عباسي کي ٻه ڏينهن اڳ ويگو ڊالن ۾ ڊان نيوز جي آفيس کڻي وڃي اتي سندس انٽرويو ڪرايو ويو پوءِ اهو انٽرويو نه هلايو ويو، ڳالهه ليڪ ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي،وي لاگر  اسد علي طور چيو ته  ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن ته ڪهڙي قسم جي صحافت هلي رهي آهي، ماڻهو اغوا ڪيا پيا وڃن،سياسي اڳواڻن کي وٺي وڃي  اسٽيبلشمينٽ حامي ۽مرضي جي اينڪرن جي گهرن ۽ اسٽوڊيوز تي انٽرويو ڪرايا پئي وڃن، اهو ڇا آهي؟ پوءِ ان هل هنگامي بعد انٽرويو ڪرائيندڙ جوتا ڇڏي ڀڄي ويا، صداقت عباسي کي سندس غيرموجودگي ۾ 9 مئي واقعن ۾ ضمانت ڏياري وئي، ڪالهه هڪ مهيني کانپوءِ کيس سندس ماءُ حوالي ڪيو ويو،هن چيو ته  فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ اهڙو ڪهڙو جينئس آهي جنهن اهو مشورو ڏنو ته گم يا گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ٽي وي اسٽوڊيوز وٺي وڃي انٽرويو ڪرائجي؟ صحافت ۾ اڃا به اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي انهن قدمن جي مذمت ڪن ٿا، هن چيو ته مان آرمي چيف کي مشورو ڏيندس اهڙي فوجي آفيسر جو ته فوري ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي، ان قدم سان پاڪستان جو ڪهڙو اميج ويندو،پيغام اهو ويندو ته هتي رياستي ادارا ماڻهن کي اغوا ڪن ۽ پوءِ ٽي وي تي ويهاري انٽرويو ڪرائن ٿا،ڇا ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ويٺل سفارتڪار کيرپيئندڙ ٻار آهن؟ اقت عباسي جيئن ئي گهر پهتو ۽ سندس امڙ جنهن انداز ۾ کيس ڳلي ملي اهو منظر ڏکوئيندڙ هو، اهو پي ٽي آءِ وارن لاءِ به سبق آهي، کنڀي گم ڪيل بلوچ نياڻين جي اکين ۾ اکيون وجهي ته ڏسو، مدثر نارو جي پٽ سچل جي حالت ته ڏسو، هو پنهنجو پيءُ گهري رهيو آهي،ڪنهن کي احساس آهي ته اسان هن ملڪ جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟ گم ڪيلن جي مائرن جي آهن،دانهن جو اسان روز محشر ڪهڙو جواب ڏينداسين، اسد علي طور جو چوڻ هو ته نوازشريف جي معاملي تي نواز ليگ ورهايل آهي، نوازشريف کي سڌي ريت ڪير به نه پيو چوي ته توهان واپس نه اچو، بلڪه کيس سگنل موڪليا پيا وڃن،شهبازشريف جي گاڏي تي جيڪو حملو ٿيو اهو به ان سگنل جو اشارو آهي، توهان به واپس آيا ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي سگهو ٿا، ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي، کيس چيو پيو وڃي ته ماڻهو ريلين ۾ نه پيا اچن، کيس چيو پيو وڃي ته توهان اليڪشن جي تاريخ وٺڻ کانسواءِ واپس اچي ڦاسي پوندا، پر اصل ڳالهه اها آهي ته نوازشريف وطن واپس اچي رهيو آهي، سندس ميڊيڪل رپورٽ روٽين جي آهي، نوازشريف کي جنوري کان اڳتي اليڪشن کڻي وڃڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، ڇو ته کيس پنهنجي خلاف ڪيسن مان قانوني طور تي آجو ٿيڻو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.