ملڪ ٻڏي پيو،اوهان چونڊن لاءِ پريشان آهيو، انجام جو سوچڻو پوندو: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اوهان کي اليڪشن  جي پريشاني آهي، رياست ٻڏي رهي آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڊالر آهن ته هو ان کي پرڏيهه موڪلي رهيو آهي، ٻاهر ويٺل ناڻي جي رسد روڪي رهيا آهن، صورتحال تي غور ڪيو وڃي. فضل الرحمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ چونڊ عمل ۾ خلل پئجي سگهي ٿو، اهو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ پڄاڻي ۽ نتيجن بابت سوچڻو پوندو، ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، شيون منجهي رهيون آهن. ڳجهارتون حل ٿيڻ بدران وڌيڪ منجهي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته مان جنهن سان جنگ وڙهندو آهيان، ان جا به هٿ کليل هجڻ گهرجن، منهنجو مخالف قيد ۾ هجي ۽ مان ان خلاف جلسا ڪيان ته مزو نه ايندو. هن چيو سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته اسان جون ڏکيائيون ڪهڙيون آهن، ڪجهه حقيقتون آهن، جيڪي اسان کي تسليم ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ هن وقت اندروني ۽ ٻاهريان چئلينج آهن، اسان کي هڪ قوم جيان پنهنجي وطن لاءِ سوچڻو پوندو. سندس موجب ڊپلوميٽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرممين جي گرفتاري تي ڳڻتي آهي، مون چيو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ سي ڪلاس ۾ هو، ان تي به ڳڻتي ٿئي ها. فضل الرحمان چيو ته قوم جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، ڪير به اسان جي اندران خاميون نٿو ڪڍي سگهي، سڀني جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي رکيو ته جيئن ملڪ کي وحدت کي بچائي سگهجي، غربت ۽ مهانگائي پنهنجي جاءِ تي پر بدامني ۽ خوف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.