رياض/واشنگٽن(م ڊ) قطر اسرائيل ۽ فلسطين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي مذمت ڪندي سموري ذميواري اسرائيل تي عائد ڪري ڇڏي آهي.هڪ بيان ۾ قطري پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ تشدد جو ذميوار صرف اسرائيل آهي، هن تازي ڇڪتاڻ ۾ ڌرين کان تحمل جو مطالبو ڪيو آهي.ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو فلسطين جي غيرمعمولي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، فلسطين-اسرائيلي ڇڪتاڻ ۾ ڪيترن ئي محاذن تي تشدد جا واقعا ٿي چڪا آهن، هو فوري طور تي تشدد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا. ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حماس جا اسرائيل تي حملا فلسطينين جي اعتماد جي علامت آهن، حماس آپريشن حيران ڪندڙ ۽ ٻيا گڏيل طريقا استعمال ڪري ٿي.عمان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وڌ کان وڌ تحمل سان ڪم ڪن ۽ عالمي برادري اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ جي ڪوشش ڪري.