سياست هاڻي ماڻهن کي به سمجهي وئي آهي، اهي سمجهن ٿا ته ڪير ڪيترو به غلط هجي پر ووٽ پوءِ به ملندس، ڪير جي ڪي پي ۾ سياست نه ٿو ڪري سگهي ته اهو پنجاب ۾ ڪامياب آهي، ڪير جيڪڏهن بلوچستان ۾ دال نه ٿو ڳاري سگهي ته اهو سنڌ ۾ پنهنجي ساک بحال ڪري ويندو، ڪير ڪيترو به ڪرپٽ هجي پر عوام جي دلين ۾ ويٺل آهي، عوام ان کي پسند ٿو ڪري، ڪير ڪنهن ظالم ۽ جابر جو پٽ به هجي ته ماڻهو سياست ۾ هلي ويندو. اها ٻي ڳالھه آهي ته عام ماڻهن جي ضرورت رڳو اٽي جي ٿيلهي ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسا آهن ۽ اهي وٺي الله جو شڪر ادا ڪيون ويٺا آهن، اهي سمجهن ٿا ته ٻيو ڪجھه به نه ٿو ڪري سگهجي، گهر جي هڪ ڀاتي کي گورنر هائوس جي ٻاهران بيهاري انگيج ڪري ڇڏجي ته ٻيو انڪم سپورٽ جا پيسا وٺي گهر پڄي ۽ وقت کي ائين ئي ڌڪي ڌڪي ٽپائجي باقي نه ته زندگي ڏکي آهي. ان ڪري سياست سمجهي ٿي اهي ڪجھه به نه ڪندا، اهي سياسي پارٽيون ئي ويون جيڪي پنج روپيا پيٽرول جي قيمتن جي واڌ تي پريس ڪانفرنس ڪنديون هيون، ڪچا چٺا کڻي حڪومت کي چيلينج ڪنديون هيون ته متان ڪير ائين بي واجبي ڪري ۽ عوام جي مٿان ڪو بارُ رکي، عوام کان قسطون وٺي، ۽ متان ائين ڪري اهي آءِ ايم ايف جا سڀ قرص پکا لاهن، ڪير اهڙي مجال به ڪري.
پر هاڻي ته سڀ خوشي خوشي پيو ٿئي ۽ اهي سڀ ڪم ڪندا ٿا وڃن جنهن ۾ ٻيٽ ڀلي کپائن ته کپائن، ملڪ جون معدني دولتون ڀلي وڪرو ڪن ته ڪن، امپورٽ وڌائن ته ڀلي وڌائن، سڪي جو اگھه ڪري ته ڀلي ڪري، مهانگائي وڌي ته ڀلي وڌي، ڪنهن کي ڪو فڪر ناهي، اها ڳڻتي حڪومت جي ناهي ۽ نه ئي ڪا مخالف پارٽي اهڙي به آهي جيڪا روڊن تي باهيون ٻاري ڏئي ته عوام سان ڪنهن به قسم جي ڏاڍائي نه سهبي، عوام سان ڪير به اهڙي مهانگائي جي صورت ٺڳي نه ڪندو جو غريب عوام پنهنجو رت سَتُ ڏئي هن رياست جي سياستدانن جا سامان پورا ڪري پر ڪير به عوام جي پاران نه اٿندو ۽ اهي سڀ ڪم ائين پيا ٿيندا ۽ سياست پئي هلندي، ۽ سياست جي لاءِ سڀ آسانيون پيدا ٿينديون رهنديون، جو سڀاڻي ”رياست فار سيل“ ڪن، ڪا ڪِني آڱر ڀلي وڍي ڦٽي ڪن، ڪا ٻي غير رياستي ڳالھه به ڪن ته ڪري سگهن ۽ ڪير به مخالفت نه ڪرين، ان ڪري سڀ ڪم بسم الله ڪري ڪندا ويندا، ۽ سڀاڻي ڪنهن کي سياسي نقصان ٿئي ته ڀلي ٿئي پر ن ليگ کي ڪو سياسي نقصان نه ٿئي، ڇو ته هاڻي ڪير به مخالف ناهي ۽ جيڪو هيو اهو به جيل رسد ٿي ويو ۽ نااهل به.
پر مصيبت اها به آهي ته ملڪ مان سياسي بحران ختم ئي نه ٿا ٿين جيڪو به اڳواڻ اچي ٿو پهرين ته ان کي ڳالھه سمجهھ ۾ نه ٿي اچي ۽ ٻيو ته جيترو به عرصو رهي ٿو رڳو حوالي ڪري هليو ٿو وڃي ان ڪري ته جي به کاپڙ ۽ پاليسي ميڪر آهن اهي اها ڳالھه سمجهن ٿا ته هنن انڊرگريجوئيٽ وزيراعظمن ۽ صدرن کي ڪجھه نه ٿو اچي جو معيشت جون الجبرائون نه ٿا سمجهي سگهن، جيڪي به سُٽَ آهن اهي انهن جي سمجهڻ کان ڏکيا آهن ۽ ڪرڻ ان کان به وڌيڪ ڏکيا. ان ڪري انهن معاشي مسئلن سان گڏ جيڪي به معاشرتي مسئلا ٿين ٿا جيڪي به بي روزگاريون ٿين ٿيون، جيڪي به امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جا اشوز ٿين ٿا، جيڪي به ڏوهن جي فهرست ۾ واڌ اچي ٿي، جيڪي به بارڊرن تي اشوز ٿين ٿا اهي سڀ وقت جي وزيراعظم جي سمجھه شريف کان گھڻا مٿي هجن ٿا. ان ڪري اهي سڀ شيون بهتر ڪرڻيون آهن ته قان ن جي پاسداري لازمي ڪجي، قان جي بالادستي ڪجي جنهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ معيشت جي ڀلائي جا سڀ ڪم سرانجام ڏجن، جن ۾ بنيادي مسئلو ننڍڙا ننڍڙا صنعتي يونٽ ئي آهن جيڪي پيداواري صلاحيت وڌائين، ٻيو ته بارڊر سِيل ڪجن جنهن ۾ ملڪ جي سيڪورٽي داوَ تي نه لڳي، جنهن ۾ اهو خدشو نه هجي ته جيڪي به ڪمائجي اهو سيڪيورٽي جي خرچن ۾ هليو وڃي، جيڪو به اچي اهو امپورٽ جا خرچ کاٻار لاهڻ جي ڪم ۾ هليو وڃي، ان ڪري بحرانن مان ڪڍڻ به هن رياست جي لاءِ وڏي انقلاب مانند هوندو.
هونءَ جيڪي ڪم هي شهبازسرڪار وارا پاڻ نه ڪري سگهيا اهي سڀ نگران سيٽ اپ کان ڪرائين پيا ڇو ته اهي فيصلا اليڪشن جي نعري ۾ ڪم ايندن جنهن ۾ پيٽرول جون قيمتون ۽ يوٽليٽي جي شين ۾ ڪا رعايت، جيئن بجليءَ جي في يونٽ ۾ گهٽتائي، گيس جي اگهن ۾ رعايت ۽ ڪي ٻئي ٽيڪسز جا عذاب (جيڪي متان ڪجھه گهٽ ٿين) نه ته ٻي صورت ۾ ن ليگ سميت ٻين پارٽين جي لاءِ هاڻي ڪو نئون نعرو نه ٿو ٿي سگهي جنهن ۾ هي اليڪشن کٽڻ جهڙا ٿين، ٿي سگهن. ڇو ته عام ماڻهن کي ڪو هاڻي نئين نعري جي اميد به ناهي، ڪا اميد به نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته ماڻهن هاڻي سڀ پرکيا آهن ته نئون پاڪستان ڇا ٿيندو آهي، هاڻي ڪروڙين نوڪريون ته پنهنجي جاءِ تي پر ڏنل نوڪريون رڳو بخشي ڏين، مهانگائيءَ تي ڪو ضابطو آڻين باقي خير آهي.
هن دفعي ن ليگ کي جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيلينج نه ڪيو ته پ پ جا اتحادي ن ليگ جون ننڊون ڦٽائيندا، ن ليگ وارا پي پيءَ جون) ۽ ٻي ڳالھه ته نگران سيٽ اپ به وڏا سياسي ڊراما کڻي لهندو جيڪو سڄو سال هلي سگهي ٿو (وڌيڪ به) ان ڪري ته رياست کي رڳو هڪ سُور ۽ ڳڻتي ماري رکيو هيو ته عسڪري دورن ۽ نگران سيٽ اپ ۾ آءِ ايم ايف سان ڪير ڳالهايون نه ڪري سگهندو هيو، ڪير انهن غيرملڪي ادارن سان ٽيبل تي ويهي سگهڻ جهڙو نه هوندو هيو پر هنن پي ڊي ايم جي دُور رَس سوچ اهي سڀ حرفتون هلايون ۽ اهي سمجهن ٿا ته ناڻي جي کوٽ، سيڪيورٽي جا مسئلا، نوازشريف جو وطن موٽي اچڻ، ڪورٽن مان اهليت جا سرٽيفڪيٽ وٺڻ ۾ جيترو وقت لڳندو اوترو وقت اليڪشن کي به لڳي ويندو، ان ڪري هنن پي ڊي ايم وارن هن دفعي اها ڳڻتي ته مهل سان لاهي ڇڏي آهي ۽ هاڻي آرام جي ننڊ سمهي سگهن ٿا جنهن ۾ هن رياست جا ڀڀ آءِ ايم ايف جون قسطون ڀريندي رهندي ۽ رياست جا دوڪان هلندا رهندا ۽ پي ڊي ايم جي ڪير مخالفت نه ڪري سگهندو.
سياسي بحران ته پنهنجي جاءِ تي جن جي لاءِ هي ملڪ متحمل ۽ برداشت جهڙو ناهي ته پينڊيمڪ ٽپائي بس ٿو ڪري ته وري ٻوڏون پريشان ٿيون ڪنس، ٻوڏن ٽپائي بس ٿا ڪن ته سيڪورٽي جا مسئلا ۽ بارڊرن تي هٿيارن جي زور تي شيون ضابطي کان ٻاهر ٿي ٿيون وڃن، اهي ڪري بس ٿا ڪن ته آءِ ايم ايف اهڙو ته سُڪ ٿي ڪرين جو بجيٽ جو پورائو نه ٿا ڪري سگهن ان ڪري شيون ڪنٽرول مان نڪري ٿيون وڃن. حڪومت به وائڙي ٿي ٿي وڃي ته خرچ کاٻار ڪاڏهون هلائجن ۽ بجيٽ ڊيفيسٽ ڪاڏهون پورا ڪجن، زرمبادلا جا ذخيرا ميڙي بس ٿا ڪن ته آدم شماري ڪوڙي ٿي ٿي پئي، جي ڪوڙي ڪجي ته ڪهڙا رياستي فائدا وٺي سگهجن ٿا جي سچي ڪري عوام کي ڪهڙو فائدو ملندو، صوبن کي ڪهڙا ڪهڙا حق ملندا، جيڪي به معدني دولتون آهن اهي صوبن جو حق هوندي به صوبن جي حق ۾ ناهن، صوبا پنهنجي ڌن دولت هوندي به مرڪز جي هٿئون بي وس بڻيل آهن.
ان ڪري اها ڳالھه چئي سگهجي ٿي ته هيءَ رياست ماڻهن کي نپوڙي ساھ ڪڍي پنهنجا ڪم اڪلائي سڀ مقصد پورا ڪري ويندي، اصل مسئلن ڏانهن ڌيان نه ڏيندي، اصل جيڪا ڳالھه آهي اها نه ڪندي. ان ڪري نتيجي ۾ عوام رلندو، پر اهي سمجهن ٿا هاڻي جي پي ٽي آءِ جي حڪومت وئي ته سڀ ڪجھه صحيح ٿي ويندو، هاڻي جي ن ليگ آئي ته بهارون اچي وينديون ۽ هاڻي جي پ پ آئي ته اٽي لٽي ۽ اجهي جي پريشاني نه هوندي، پ پ ڪهڙا ٻوٽا ٻاريندي. پر بدقسمتي اها ضرور آهي ته هي رياست رڳو سياست سان سچي آهي پر عوام سان سچي ناهي ۽ عوام جو رتُ ۽ ستُ چوسي ٿي وڃي ۽ عوام اهو ئي اليڪشن جي انتظار ۾!