اسماعيل هانيا سميت حماس قيادت شڪراني جو سجدو ڪيو

غزا (م ڊ) اسرائيل تي حملن کانپوءِ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ حماس جي اعليٰ قيادت شڪر جو سجدو ادا ڪيو، جنهن جي وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس اسرائيل تي ڀرپور منصوبابندي سان حملو ڪيو. حماس حملي لاءِ فضائي ۽ بري طاقت جو استعمال ڪندي اسرائيل جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. اسرائيل تي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ آفيس ۾ موجود حماس جي اعليٰ قيادت ويڙهاڪن جي اڳڀرائي ۽ حملا ڏسي شڪر جو سجدو ادا ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.