زيد پيرزادي جي سفر نامي ”ڏکن پٺيان سک“ جو اڀياس

تحرير: پروفيسر ڊاڪٽر جاويد شيخ

زيد پيرزادي جو هي سفرنامو، شاهه لطيف جي بيت جي هِڪڙي پَدَ تي آڌاريل سفري دستاويز آهي. جيڪو هُن هاير ايجوڪيشن طرفان ملندڙ اسڪالرشپ تي آسٽريا جي شهر ويانا (جيڪو يورپ ۾ شمارجي ٿو) ۾ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪرڻ دوران چئن سالن جي مطالعي، مشاهدن، تجربن ۽ تڪليفن کي سهندي انھن مان گذرندي لکيو آهي.

اردوءَ ۾ چوندا آهن: ”کچھ پانے کے لیئے کچھ کھونا پڑتا ہے“. هي سفرنامو ڏٺو پڙهيو وڃي، ته انهيءَ چوڻيءَ جي معيار تي مڪمل طور تي پورو لهي ٿو. سفرنامو سَهَلَ، سادي، سهڻي ۽ سمجهاڻيءَ واري پيرائي ۾ لکيو ويو آهي. منجهس ڪا به بياني ڀاشڻ بازي، رعب تاب ۽ منطقي ڳالهيون بحث هيٺ نٿيون اچن. هاير سيڪنڊري جي اسٽوڊنٽ کان ويندي ادب دوست ۽ اديب/ليکاري آسانيءَ سان هِڪ نشست ۾ پڙهي سگهن ٿا. جيڪي اڃان تائين ويانا نه ويا آهن، زيد انهن کي، انهيءَ اڻ ڏٺل دنيا جي هِڪ حِصي تائين هِن سفري ڪتاب معرفت خيالن جي آڱر پڪڙائي وٺي هلي ٿو. هي سفرنامو خارجي مشاهدن، واقعن، سچاين، المين ۽ حقيقتن کي تخليقي ۽ داخلي طاقت، سونهن ۽ صورت ڏئي لکين پڙهندڙن ۽ علم جي حاصلات لاءِ اڳتي ڏسندڙن ۽ وڌندڙن آڏو پيش ڪري ٿو.

ڪتاب جي ارپنا ۾ هِڪ ٻاجهاري ۽ ساهَه صدقو ڪندڙ سدوري ۽ سڌائتي سائنڻ ماءُ جي سپنن، اميدن، احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ڪيل آهي. جنهن پنهنجي پٽن مان ڪنهن هِڪَ کي ’Doctor‘ جي روپ ۾ ڏسڻ جي آس رکي هئي. جنهن کي زيد پيرزادي ڪنهن قدر، ڪنهن نموني پورو ڪري ڏيکاري ٿو. ڪِتاب ۾ جملي 29 مختلف موضوعن/ عنوانن وارا معلوماتي مضمون ترتيبوار رکيا ويا آهن، بلڪل ايئن جيئن ڪو تحقيقي مقالو/ ٿيسز لکي ويندي آهي. جنهن ۾ شروعاتي ھڪ ٻن بابن ۾ مٿاڪٽ کان پوء ، آخري باب ۾ تحقيق جو حتمي فيصلو ڪري نتيجو ڏنو ويندو آهي. زيد پيرزادي آسٽريا/ ويانا ۽ يورپ جي ماڻهن، ماحول، سِسٽم، قدرن،ڪم ڪار متعلق جيڪو تجزيو ڪري، آخر ۾ مضمون نمبر 28 ”پنهنجي ملڪ ۾ ڇا ڇا آهي!“ ۾ ان جي رزلٽ پيش ڪئي آهي. سندس سفري ڪٿا جو پيٽرن تحقيقي نوعيت جو آهي. جهڙو تهڙو، وري به آهي، ته سندس ديس نه ! ٿرڊ ڪلاس هُجڻ باوجود هو اولين درجي جي حياتي گهاري گذارڻ کي اهميت ڏئي ٿو. اهو سندس تجزئي جو نچوڙ آهي.

زيد جي نثر ۾ هِڪ ٻارَ واري سچائي، تخليقي معصوميت، حقيقت کي هِردي سان تسليم ڪرڻ وارو هنر ۽ ڪنهن ڏاهي جهڙي فڪري سوچ ۽ گهري نظر سمايل آهي. هو ڪٿي تعريف ته ڪٿي طنز، ڪٿي ٺٺولي ته ڪٿي شڪايت درج ڪرائيندي نظر اچي ٿو. هو هِڪَ هنڌ سنڌين جي اجتماعي عيب ”نااتفاقيءَ“ کي نشانو بڻائيندي جيڪا ڳالهه، جيڪو فڪر ڏئي ٿو اهو چهنڊڙِيءَ جيئان هر سنڌيءَ کي محسوس ٿيڻ گهرجي سرحدن کان اڳتي به ڏسي محسوس ڪري هو جيڪو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو، اهو ڏکوئيندڙ صورتحال پيدا ڪري ٿو. پر اها حقيقت ۽ سچائي آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻو ئي پوندو. ان ڏِس ۾ هُن جو چوڻ آهي، ته: ”اهو ئي حال آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ سنڌين جو به آهي، ته سنڌ جو تمام گهڻو سور ۽ درد رکڻ باوجود هو اتي به پاڻ ۾ اختلافن جي ور چڙهيل رهن ٿا.“

هُن چئن سالن يا Ph.D جي حاصلات دوران پنهنجا ٻه وڏا ۽ عظيم رشتا وڃايا. هفتي اندر ماءُ جهڙي هستيءَ جو وڇوڙو۽ ان کانپوءِ سندس اسڪالر بابا انور پيرزادي جو وڇوڙو وڄ وانگر مٿس ڪريو هو. پر ڏٺو وڃي، ته انهن ٻنهي عظيم رشتن ئي کيس ڊاڪٽريٽ جي سَنَدَ وٺڻ لاءِ ويانا موڪليو هو. زيد پيرزادي ”گهڻو ڪجهه وڃايو“، پر ڏٺو وڃي، ته هُن گهڻو ڪجهه پاتو پرايو به!“ علم، عزت، مقام، مرتبو، سُڃاڻپ وغيره. هن پنهنجي سفرنامي ۾ مايوسيءَ وارو ماحول هرگز ناهي جوڙيو. Try and Try تي يقين رکي ٻاهرين ملڪ ۾ علمي اڃ اُساٽ اجهائڻ جي خواهش رکندڙن جي دلجوئي ڪئي آهي. ان معاملي ۾ R.E ٽيسٽ ۾ پهرين ڀيرو فيل ٿيڻ باوجود سندس عزم، ارادو پير ڪڍڻ بجاءِ پختا ڪري ٿو. جنهن کي هو صالح ۽ اصلاحي لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري ٿو: ”ڪڏهن به هِڪ ڀيري جي ناڪاميءَ سان مايوس ٿيڻ نه گهرجي. ٻيو ڀيرو ڪوشش ڪرڻ سان ڪاميابي جا امڪان به وڌي ٿا وڃن.“

سفرنامي اندر سنڌ پنجاب جي ريلوائي سفري سهولتن ۽ پي آءِ اي ۽ نجي هوائي سفر جي ڀيٽ ڪري ٿو. جنهن ۾ کيس پنهنجا ادارا مايوس ڪن ٿا. ڏٺو وڃي، ته سندس سفرنامي جو مکيه مقصد ئي يورپ ۽ ايشائي ملڪن جي تهذيبن جو تقابلي جائزو هُيو شايد! هُن يورپ جي ماڻهن جي اخلاقيات، شهري رٿابندي ۽ منصوبابندي، تربيت، ڪم ڪار، سماجي قدرن، سير سفر ۽ وقت جي ونڊ ورڇ تي روشني وجهي پنهنجي ديس جي ڪوتاهين ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي. سفرنامي ۾ ملڪن جي ترقين جا راز به افشان ڪري يورپ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تحقيقي معيار، درپيش مسئلن ۽ خرابين جو تقابلي جائزو به ورتو اٿائين. آسٽريا ۽ پنهنجي ملڪ جي تعليمي نظام کي پڻ تنقيدي نظر سان ڏٺو اٿائين. سندس مشاهدي تجربي اهو ٻڌايو، ته ”اتي اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين تعليم مفت آهي. اتي نوجوان ڳڀرو ئي Ph.D ڪن ٿا. اسان وٽ 58 سالن واري کي Ph.D جو خيال ٿيندو.نوڪري نيب ۾، ڊگري ڪامرس يا Economics جي هوندس، ته وري Ph.D سنڌيءَ ۾ ڪندو. اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن کي آءُ ڪوٽ ڪري ٿو سگهان. اهڙي ماڻهوءَ جو هِڪَ پير رٽائرمينٽ واري راهه تي، ته ٻيو پير شگر، بلڊ پريشر سبب ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ڏانهن ويندي نظر ايندو. Ph.D ته پري اڳيون نور به چٽ ٿي ويندس. چئن ڇهن ٻارن وارو شخص پنهنجي ديس ۾ Ph.D لاءِ پيو سوچيندو.

زيد هَڪ تجربيڪار ڏاهي وانگر، يورپي ۽ ايشائي ماڻهن جي وچ ۾ نفسياتي فرق کي پڻ واضح ڪيو آهي. جنهن ۾ يورپين پاڻ کان گهڻو سڌريل سمجهيل نظر اچن ٿا. اسان جهڙن جڳاڙي ۽ شارٽ ڪٽ (وچين رستي) جي شوقين ملڪن ۽ سڌريل سماجن جي وچ ۾ فرق جي ليڪ ڪڍي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا ڪارڻ پڻ ڪٺا ڪيا آهن. هو چوي ٿو: ”يورپ جي ماڻهن منجهان ڪافي شيون سکي سگهجن ٿيون. خاص طور تي سندس ايپروچ ڏاڍي مختلف آهي هي ماڻهو تيز ذهن رکن ٿا. ڏاڍا شارپ، سمارٽ ۽ آرگنائيزڊ آهن. اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيڪڏهن توهان شارپ نه آهيو مطلب ته شين کي جلدي سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿا رکو، جديد دور جي تقاضائن کي نه ٿا سمجهو ۽ اڻ چيل ڳالهيون نه ٿا سمجهو ته، پوئتي آهيو“. بقول هُن جي هو ڪنهن به ڪم جو جڳاڙي رستو نه بلڪي پائيدار حل ڳولهين ٿا. هنن وٽ ڪوڙ جو سڪو صفا ڪونه هلي. وڌيڪ طنز ڀرئي لهجي ۾ ايشين لاءِ سندس خيال آهي، ته ”اسان وٽ ته ماڻهو  ڪوڙ ايئن ٿا ڳالهائن ڄڻ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪو خير جو ڪم هجي.“ مطلب هو گهڻو اڳتي ۽ اسان وقتي سوچيندا آهيون.

اسان توهان عمومن سمجهندا آهيون، ته ٻاهرين ملڪن ۾ Ph.D تمام ڏکي آهي. پر زيد جو تجربو اهو ٿو ٻڌائي، ته، ”يورپ ۾ پاڪستان جي مقابلي ۾ پي. ايڇ.ڊي ڪرڻ ڪافي آسان هئي، خاص طور تي تعليمي قانون آزاد ۽ فليڪيسبل هئا. اتي جيڪو ريسرچ جو معيار آهي تنهن سان پاڪستان ڀلا ڇا مقابلو ڪري ٿو سگهي اسان ته شايد اڳين سو سالن ۾ به ان معيار جي ريسرچ نه ڪري سگهون. اتي گائيڊ ۽ محقق شاگرد جي وچ ۾ دوستاڻو تعلق ۽ رشتو قائم ڪيو ويو آهي. هو ٻئي پاڻ ۾ فري، گڏجي کائڻ پيئڻ، ڀوڳ چرچا به ڪن، هڪ دوستاڻو نه ڪي استاد شاگرد وارو ايشيائي تعلق يا ماحول جوڙين ٿا. ” اسان جنهن يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ ڪندا هئاسون اها چويهه ڪلاڪ کليل هوندي هئي…. اسان وٽ يونيورسٽيون به جهڙوڪ اسڪول آهن، جيڪي ٻه بجي بند ٿي وڃن ٿيون.“ زيد جا ريسرچ عمل لاءِ هيءَ لفظ سونهري ۽ ڏاهپ جا ساکي آهن: ”ريسرچ هوندي ئي اڻ ڏٺل پيچرن جو پنڌ آهي، جنهن ۾ توهان سوچي ڪجهه هلندا آهيو ۽ آخر ۾ منزل ڪا ٻي ملي ويندي آهي.“

ڊاڪٽر زيد جو هي ڪم (سفرنامو) تحسين لائق آهي. دنيا ڏانهن، سنڌ مان ڪيترائي مختلف مڪتب ۽ فڪر جا ماڻهو استادن، شاگردن کان ويندي سياستدانن، صحافين تائين پنهنجي پنهنجي غرض سان سفر ڪن ٿا. هر ماڻهو پنهنجي، پنهنجي، سفري ڪٿا کي ڊائرين جي زينت بڻائي، سفرنامي جي صورت ۾ ڇپائن، ته هوند دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ جون سياسي سماجي حالتون، تهذيبي سونهن، قدر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه انهن ڏيهن ڏانهن، نه ويندڙن کي حاصل ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه سفري ادب جا اٿاهَه خزانا پڻ سنڌي ادب جي جهول ۾ پوندا.

هي سمورو سفرنامو تهذيبن جي تجزئي يا تقابلي جائزي تي ٻڌل آهي. جيڪو سماج Well آرگنائيزڊ ۽ سسٽميٽڪ آهي، پر اهڙين سڌريل تهذيبن جي چنڊ ۾ به ڪجهه ڪچاين ۽ ڪمزورين جا داغ به آهن، جن جي زيد نشاندهي ڪئي آهي. هو ڪنهن به موقعي تي، ڪنهن جا ونگارو يا ٻيلي نٿا بڻجن. اڪثر اڪيلائيءَ ۽ محدوديت جو شڪار ٿين ٿا. سندن روين ۾ خود پسندي ۽ بخيلي پڻ پيدا ٿي پوي ٿي. ان جو ڪارڻ ڪم جو دٻاءُ، اصول، قانون ۽ قاعدا انسان جي ٻچڙي کي خفا ڪريو وجهن ٿا.

زيد جو هيءَ سفرنامو چين تائين تعليم حاصل ڪرڻ واري حديث جو عملي مثال آهي. پرائي ڏيهه ۾، ڏيهه کان دور رهي جيڪي تڪليفون هُن ڏٺيون، عيدون برادون، کل خوشيون ۽ آرام ڦٽايو. انهيءَ جو ئي ثمر آهي. هي سفرنامو ۽ سندس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري. ديس کان دور رهي ”وقت وڃائين مفت متان، قيمت لهڻي هرڪو پل“ جي پاسداري ۽ لمحي لمحي جو قدر ڪندي مقرر وقت ۾ ڪاميابي ماڻي وطن ڏانهن وري ٿو. هي سفرنامو انهيءَ ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو آئينو آهي. جنهن ۾ آسٽريا جي گاديءَ واري هنڌ ”ويانا“ ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ کان ويندي Ph.D جي آخري مرحلي واري مضمون ۾ گائيڊ پاران ڏنل دعوتي ڪاڄ تي مشتمل آهي. ان بعد زيد پيرزادو خير سان ”ڊاڪٽر“ زيد پيرزادو بڻجي پنهنجي وطن ڪراچي، سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي ڪاميابين جا قدم رکي ٿو.

هِن سفرنامي ”ڏکن پٺيان سُک“ جي سيڪنڊ لاسٽ مضمون بعنوان ”پنهنجي ملڪ ۾ ڇا ڇا آهي!“ ۽ ان ئي ليک اندر زيد جو ڏنل نثري نظم آسٽريا/يورپ جي ٽڦ Tuff لائيف ۽ پنهنجي ديس جي عجيب غريب، بي ترتيب ۽ اُلٽي زندگيءَ جي ڀيٽ آهي. هو ترقي يافته well Organized  ۽ سسٽميٽڪ طريقي سان هلندڙ مُلڪ جي شهريت کي ٽئين درجي جو مهڻو ڏئي پنهنجي ٿرڊ ڪلاس قسم جي ملڪي سماج ۽ شهريت کي اولين درجي تي رکي جيڪي احساس ونڊي ٿو، اهي يقينن ڇرڪائيندڙ ۽ متوجهه ڪندڙ آهن. ان ڏس ۾ سندس نظم citizen Ship سندس سفرنامي جو فيصلائتو موڙ چئي سگهجي ٿو. سمورو نظم حب الوطنيءَ جو جديد ترين، منفرد ۽ مثالي ثبوت آهي، زيد کي پنهنجو ديس اونداهه ۾ ورتل ۽ هر خرابيءَ باوجود عزيز آهي. کيس قانون ۽ قاعدن واري ديس ۾ رهڻ باوجود سڄڻ ۽ ساڻيهه جي ڳڻتي ۽ فڪر رهي ٿو. هي سفرنامو اگر انگريزيءَ، اردو ۽ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ بنا ليکڪ جي نالي سان ڇپرائجي، ته پوءِ به هر پڙهندڙ ساڻيهي سِڪ، ڇڪ ۽ تک کي منئون محسوس ڪري آسانيءَ سان سمجهي سگهي ها، ته هن سفرنامي جو ليکڪ ڪو سنڌي ئي آهي.

زيد هِن سفرنامي جي آخري مضمون ”پي ايڇ ڊي ڊفينس تائين“ پنهنجا  عملي خفا لاهڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو پر هاڻ هو هِڪ ڏينهن به وڌيڪ آسٽريا ۾ ترسڻ لاءِ تيار ناهي. هن جي پنهنجي گهر ۽ تر لاءِ تئونس ۽ سڪ پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل مڇيءَ وانگر تڙپڻ لڳي ٿي. هو ڏيساور ۾ وطن کي واجهائي ٿو، هِن ليک اندر زيد مارئي جي نفسياتي روپ ۾ نظر اچي ٿو. منجهس مارئي وائري سيڻائتي سِڪ کيس بي چين ڪري ٿي. وڃان وڃان وائي سندس وات آهي! ڄڻ هو مارئي آهي ۽ آسٽرين عمر وٽ قيد هجي، ساڻيهه جي ياد ستائڻ لڳي آهيس. مارئي وارا وطني احساس هُن جي هن چند لفظن واري فقري، ”پر منهنجو مزو واپسيءَ ۾ هيو“ مان صاف، چٽي ۽ اثرائتي نموني ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا.

بهرحال هِن مختصر مگر معلوماتي، مشاهداتي، تحقيقي، تخليقي، تقابلي ۽ تڪليفي نوعيت جي سفرنامي ۾ هِڪَ اڌ لفظي ۽ پروفي غلطين کي ڇڏي ڪري گهڻو ڪجهه پڙهڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ موجود آهي. زيد جو هي مختصر سفرنامو سنڌي ادب جي دامن کي وسيع ڪرڻ لاءِ هڪ وِک ۽ ڪوشش سمجهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.