مانجهند ڀرسان معصوم ٻارڙو بيدردي سان قتل، ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) خاڻوٺ ڀرسان 7 ورهين جي نينگر جو مبينا ڏاڍائي بعد رسي سان گهٽا ڏئي بنا ڪپڙن جي تشدد ٿيل لاش  هٿ، هڪ شڪي گرفتار ، حبيب الله موڙ ۾  ھڪ ڏينهن اڳ والد جي دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ نڪتل ٻارڙو رستي مان گم ٿي ويو، 8 ڪلاڪن بعد نينگر علي مرتضيٰ ملاح پٽ نعيم ملاح جو گهر ويجهو پراڻي پاڻي جي ٽانڪي مان وحشاڻو تشدد ٿيل، ڪپڙن کان آجو ٿيل لاش مليو، نينگر جي ڳچي ۾ رسو ۽ وات ۾ پلاسٽڪ جون ٿيليون پڻ پيل هيون جنهن تي نينگر جو والد ماءُ ۽ عزيزن ۾ ڪهرام مچي ويو، تعلقي اسپتال مانجهند ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٻارڙي کي زيادتي بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، ڏند ۽ مڻڪو ڀڳل آهي، نينگر جي والد نعيم ملاح ٻڌايو ته ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي  پٽ کي وحشت ۽ انتهائي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آھي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي، ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز مانجهند اسپتال پهچي نينگر جي لاش جي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن سان گڏ لاش کي گهر کڻائي پهتو، ايس ايس پي ميڊيا کي ٻڏايو ته وحشي جوابدار کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو، سي آءِ اي انسپيڪٽر نيڪ محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ جانچ  ٽيم جوڙي ڇڏي آھي جلد جوابدار تائين پهچنداسين، ذريعن موجب پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي سوات واسي رضاءُالله پٺاڻ کي گرفتار ڪري ان جا پڻ جزا ورتا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.