ڪراچي (م ڊ) افغان خاندانن جي وطن واپسي جاري آهي، ٻن ڏينهن ۾ 60 خاندان افغانستان واپس هليا ويا، وفاقي سرڪار جي فيصلي بعد ملڪ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ افغان خاندانن جي واپسي جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، طور خم سرحد تي مقرر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افغان ڪمشنريٽ ڪي پي ڪي محمد عمران موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ غيرقانوني رهندڙ افغان خاندانن جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 30 افغان خاندانن کي کڻي 16 ٽرڪون طورخم سرحد پهتيون، قانوني گهرجون پوري ٿيڻ بعد انهن کي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افغان ڪمشريٽ موجب افغان ويندڙ هي 30 خاندان 204 ماڻهن تي مشتمل آهن، جنهن ۾ وڌيڪ ٻار ۽ عورتون شامل آهن، هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ طورخم سرحد وٽان 60 خاندانن تي ٻڌل 554 ماڻهو افغانستان وڃي چڪا آهن، ملڪ مان غيرقانوني افغانين جو سلسو جاري آهي، هي خاندان ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ هئا.