ڪراچي ۾ ڦر دوران شهرين جي قتل ۾افغاني ملوث آهن:پوليس چيف

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڦر دوران شهرين جي مارجڻ ۾ گهڻي قدر افغاني ئي ملوث  رهيا آهي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند ٻڌايو ته شهر ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين جو انگ 4 لک کان وڌيڪ آهي، گذريل سال ڪراچي ۾ ڪاررواين دوران گرفتار ڪيل 323 غيرقانوني افغان شهرين کي سندن وطن واپس موڪليو ويو، هلندڙ سال گذريل هڪ مهيني دوران گرفتار 1547 افغان شهرين کي ڊي پورٽ ڪري چڪا آهيون، سندس چوڻ هو ته ڪراچي پوليس، ايف آءِ اي ۽ نادرا سميت ٻين سرڪاري ادارن سان گڏجي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خاص طور افغان شهرين خلاف ڀرپور ۽ ون ونڊو آپريشن جي تياري ڪري رهي آهي، آپريشن دوران مختلف آبادين مان گرفتار ڪيل افغان شهرين جي ڊيٽا نادرا ۽ ايف آءِ اي اميگريشن رڪارڊ ۾ چيڪ ڪئي ويندي ۽ پوءِ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي جيل موڪلڻ بدرنا هڪ منظم رٿابندي تحت ڊي پورٽ ڪيو ويندو، ڪراچي پوليس چيف انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ هر شهري متاثر ٿيو آهي، اسٽريٽ ڪرائم جي وڏين وارداتن ۾ افغاني به ملوث رهيا آهن، ڦر دوران شهرين جي مارجڻ ۾ گهڻي قدر افغاني ئي ملوث رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.