مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي بعد ٻيهر واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي بعد ٻيهر واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. هلندڙ هفتي  مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي 11 سيڪڙو واڌ رڪارد ڪئي وئي آهي. وفاقي شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب گذريل هفتي دوران ۾ 19 کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي جڏهن ته 16 شين جي اگهن م گهٽتائي ٿي ۽ 16 شين جا اگهه برقرار رهيا. هلندڙ هفتي مهانگائي جي مجموعي شرح 37.07 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

شهلا رضا ۽ فياض ٻٽ هيل تائين سرڪاري گهر خالي نه ڪيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي اڳوڻي ميمبر شهلا رضا ۽ فياض ٻٽ هيل تائين سرڪاري گهر خالي ناهي ڪيو، نوٽيس ۾ آيو آهي  ته سنڌ جي ٻين اڳوڻن وزيرن به پروٽوڪول، سيڪيورٽي ۽ مراعتون ناهن ڇڏيون. انهن ماڻهن کان سرڪاري رهائشگاهه ۽ گاڏي واپس ورتي ويندي، اليڪشن ڪميسن جي حڪمن بعد چيف سيڪريٽري سنڌ سرگرم ٿي ويو آهي، اڳوڻن وزيرن کان سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ مراعتون واپس وٺڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ جي اڳونن وزيرن کان سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ مراعتون وٺن بابت گذريل ڏينهن خط بعد چيف سيڪريٽري سرگرم ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارتمينٽ سرڪاري گهر خالي ڪرائڻ لاءِ اڳونن وزيرن کي خط لکيو آهي. سنڌ ڪابينا جي اڳوڻي ميمبر شهلا رضا ۽ فياض ڀٽ به گهر خالي ناهي ڪيو، اسٽيوٽا جي چيئرمين ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر سليم جلباڻي به سرڪاري گهر خالي ناهي ڪيو.

ڪراچي ۾ کير اگهه ۾ واڌ تي ڪارروائي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊيري فارمرز کير جي اگهه ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. ڪمشنر ڪراچي  طرفان سرڪاري طور تي مقرر ڪيل اگهه 200 رپيا في ليٽر تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي م ڊيري فارمرز پاڻ مقرر ڪيل کير جو اگهه 230 رپيا ختم ڪري 200 رپيا في ليٽر وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.