راندين جي سامان جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي

اسلام آباد (اي پي پي) ملڪ مان راندين جي سامان جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن موجب جولاءِ ۽  آگسٽ ۾ راندين جي سامان جي روانگي واپار سان ملڪ کي 67.52 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال ساڳي مدي ۾ راندين جي سامان جي روانگي واپار سان ملڪ کي 74.86 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو هو.

سعودي عرب پاران مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي فوج جي ڇڪتاڻ وارين ڪاررواين جي مذمت

رياض (م ڊ) سعودي عرب مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي فوج جي ڇڪتاڻ وارين ڪارواين جي مذمت ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت مسجد اقصي ۾ اسرائيلي قابض فوج جي ڇڪتاڻ وارين ڪارواين تي افسوس ۽  ذمت ڪندي چيو آهي ته ان قسم جون اسرائيلي ڪاروايون  عالمي امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ ۽ مقدس جاين جي احترام واري عالمي قانوني جي خلاف آهن، سعودي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ان قسم جي قدمن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي جذبن کي ڇيهو رسي ٿو، بيان ۾ عالمي برادري  کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها اسرائيلي قبضي کي ختم ڪرائڻ ۽ شهرين کي ضروري تحفظ فراهم ڪندي تڪرار کي مستقل بنيادن تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي  تيز ڪري.

گڏيل قومن جي  هاءِ ڪمشنر  پاران قرآن پاڪ کي شهيد ڪرڻ واري واقعي جي مذمت

گڏيل قومون (م ڊ ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت  هاءِ ڪمشنر  وولڪر ترڪ   قرآن پاڪ کي باهه لڳائڻ ۽ تشدد وارن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي  انساني حقن واري ڪائونسل جي 54هين اجلاس دوران خطاب ڪندي وولڪر ترڪ  نشاندهي ڪئي ته  ڪجهه ملڪن ۾ هڪ عرصي کان قرآن پاڪ جي بيحرمتي جو سلسلو جاري آهي، اسان ان قسم جي جارحاڻين ڪارواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.