ڪراچي (رپورٽر ) زينب مارڪيٽ ڀرسان 10 ڏينهن ۾ 3 دڪان ڦريا ويا، ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ بازارن ۾ ڦر جي وارداتن سبب دڪاندار عدم تحفظ جو شڪار آهن، زينب مارڪيٽ ڀرسان 10 ڏينهن ۾ 3 دڪاندارن کان ڦر لٽ ڪئي وئي آهي ، چورين جي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ اچڻ باوجود پوليس ڦورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ، الائنس مارڪيٽ اينڊ مال ايسوسيئيشن جي صدر فهيم نوري چيو ته چورن جي وارداتن تي هو سخت پريشان آهن، ايڊيشنل آءِ جي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پوليس لاچار نظر اچي رهي آهي.الائنس مارڪيٽ اينڊ مال ايسوسيئيشن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پوليس سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته ٻڌايو وڃي. اسان جي مدد سان توهان جي حفاظت جو خيال رکون ٿا.
ڪراچي: مڪاني ادارن جي نين يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ 110 سيڪريٽري مقرر
ڪراچي(رپورٽر)مڪاني ادارن جي نين يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ 110 سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن بعد نين يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جا بئنڪ اڪائونٽ کولڻ واري مرحلي ۾ آساني پيدا ٿي ويندي.
آمريڪا ۾ ماءُ جي گهران ڪڍڻ بعد ٻارڙي زيادتي بعد قتل
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي رياست ڪنساس ۾ 5 سالن جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي جنهن کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو، نيو يارڪ پوسٽ موجب 5 سالن جي زوئي کي سندس ماءُ گهران ڪڍي ڇڏيو هو هڪ بي گهر ڪيمپ ۾ رهندي هئي، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار جي سڃاڻپ ميڪل ڊبليو چيري جي نالي سان ٿي آهي جيڪو زوئي جي ماءُ سان سندس گهر ۾ رهندو هو پر سندس زوئي ۽ سندس ماءُ سان ڪو رشتو واضح ناهي، پوليس زوئي جي ماءُ کي به حراست ۾ ورتو آهي جنهن ڌيءُ کي تشدد ڪري گهران ڪڍڻ جو اعتراف به ڪيو، ٻئي پاسي جوابدار کي 20 لک ڊالر جا مچلڪا جمع ڪرائڻ تي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو پر کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي.
عرفان پٺاڻ پاران سعود شڪيل جي ساراهه
ممبئي ( م ڊ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊز خلاف شاندار بيٽنگ ڪندڙ پاڪستاني بيٽر سعود شڪيل جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ دوبدو آهن. ٽاپ آرڊر جي فلاپ ٿيڻ کانپوءِ محمد رضوان ۽ نوجوان سعود شڪيل ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ سئو کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري پاڪستان کي ميچ ۾ واپس آندو. سعود شڪيل بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٻٽيهه بالن تي ففٽي اسڪور ڪئي جيڪا پاڪستان طرفان ورلڊ ڪپ ۾ ٻي تيز ترين ففٽي پڻ هئي، هو 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. سعود شڪيل جي نيڌرلينڊز خلاف بيٽنگ ڏسي اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو. عرفان پٺاڻ چيو ته ڪالهه انگلينڊ خلاف نيوزيلينڊ جي راچن رويندرا پريڪٽس ميچ واري فارم مان فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ سعود شڪيل به ساڳي راويت برقرار رکي، هو مڊل آرڊر ۾ پاڪستان لاءِ سٺو آپشن آهي.
هارين جي سهولت لاءِ ويب سائيٽ لانچ
ڪراچي (رپورٽر) لمس پاڪستان هارين جي سهولت لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ limspakistan.com شروع ڪري ڇڏي آهي. لمز پاڪستان (لمز) جي هي ويب سائيٽ زراعت ۾ جدت طرف لمز جو هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندي. هن ويب سائيٽ جي مدد سان هاري پنهنجي زمين بابت بروقت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. ويب سائيٽ جي مدد سان پاڻي، ڀاڻ، اسپري ۽ ٻج جي استعمال ۾ بچت ٿيندي ۽ نتيجي ۾ پيداوار ۾ واڌارو ٿيندو. لمز هارين کي صلاح ڏني ته ربيع جي فصلن لاءِ هن ويب سائيٽ مان فائدو وٺن، ننڍن هارين کي هن ويب سائيٽ تان سموريون سهولتون ۽ ڄاڻ مفت ملندي.
سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي اضافو
جده (م ڊ) سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي اضافو رڪاڊ ڪيو ويو، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ 24 قيراط هڪ گرام سون جو اگهه 219.86 ريال، 22 قيراط هڪ گرام 201.54 ريال جڏهن ته 21 قيراط جي 08 گرام واري سون جي گني جو اگهه 2105.48 ريال ۽ 22 قيراط هڪ گرام جي گني 1،930.02 ريال ۾ وڪرو ٿي.