بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس سبب هڪ ٻيو مريض فوت

ڪوئيٽه (م ڊ) بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جي ڪري وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿي ويو. فاطمه جناح اسپتال انتظاميه مطابق 35 ساله علي  محمد کي گذريل ڏينهن وات ۽ نڪ مان رت اچڻ جي تڪليف سبب اسپتال داخل ڪيو ويو، جنهن جي ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ علاج شروع ڪيو ويو پر علاج دوران مريض جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. انتظاميه چيو ته اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جا وڌيڪ ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. واضح رهي ته  صوبائي حڪومت ڪانگو وائرس سبب متاثر ماڻهن جي لاءِ فاطمه جناح اسپتال ۾ ڌار وارڊ قائم ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.