ڪچي مان اغوا ڪيل پوليس اهلڪار 10 ڪلاڪن بعد آزاد، ٻن ڏوهارين کي به ڇڏيو ويو

لکي غلام شاهه/ پنوعاقل (رپورٽ: نديم جان مهر/ رستم انڍڙ) پني عاقل لڳ ڪچي مان پوليس پڪٽ تان اغوا ڪيل پوليس اھلڪار 10 ڪلاڪن بعد آزاد، پوليس گرفتار ڪيل ٽن ڏوهارين مان ٻن ڄڻن کي ڇڏي ڏنو. ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ چڱن مڙسن معرفت ڪيل ڳالھيون بحال ٿي ويون. ذريعن جو چوڻ آھي ته پوليس حراست ۾ ورتل ڏوهاري کي به اڄ تائين آزاد ڪيو ويندو، پني عاقل ۽ شڪارپور جي گڏيل ڪچي واري علائقي محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڦوساآباد پوليس پڪٽ تان ڪالھ اغوا ڪيل پوليس ڪانسٽيبل عبدالفتاح ابڙي کي 10 ڪلاڪن بعد شڪارپور پوليس چڱن مڙسن معرفت آزاد ڪرائي ورتو، ان حوالي سان ڄاڻ ملي آھي ته ٻه ڏينهن اڳ محمدآباغ شھر مان گھربل ڏوهاري سونارو ڪهرياڻي ۽ سندس ٻن ساٿين گلزار علي ۽ منظور ڪهرياڻي جتوئي کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ گذريل ڏينهن ڏوهارين ڏينهن ڏٺي جو 20 کان وڌيڪ ھٿياربندن ڦوساآباد ۾ قائم پوليس پڪٽ تي حملو ڪري ھڪ پوليس اھلڪار عبدالفتاح ابڙي کي سرڪاري ھٿيار سميت اغوا ڪري ويا هئا. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي پوليس ۽ رينجرس جي اھلڪارن کي ساڻ ڪري وڏي اٽالن سان ڪچي پهتو، جتي محمدآباغ جي ھڪ معزز سميت ٻين چڱن مڙسن معرفت ڏوهارين وٽ پھچي راڄوڻي ڪوشش وسيلي مغوي پوليس اھلڪار کي آزاد ڪرائي ورتو، ھوڏانهن گرفتار ڪيل ڏوهاري سميت ٽن ڄڻن مان ٻن ڄڻن گلزار ۽ منظور ڪهرياڻي کي آزاد ڪيو ويو۔ ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ ھو ته مغوي پوليس اھلڪار جو سرڪاري ھٿيار ڏوهارين پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آھي جنهن جي عيوضي ۾ اڄ تائين گرفتار ڪيل ڏوهاري سونارو ڪهرياڻي جتوئي کي آزاد ڪري ھٿيار وصول ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.