لکي لڳ ٽن خونن ۽ زخمين جو جرڳو، 82 لک ڏنڊ مقرر

لکي غلام شاهه(رپورٽ نديم جان مهر) لکي  غلام شاهه لڳ ڪارنهن الزام ۽ ٽن خونن جي هلندڙ ڇڪتاڻ جو فيصلو الزام هيٺ آيل ڌر مٿان ڪارنهن الزام ٽي خون ۽ زخمين جو 82 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي (تفصيل موجب) لکي غلام شاهه لڳ مهر هائوس وزير آباد ۾ چڪ لڳ ڳوٺ ٿانهريو واسي محمد پناھ مهر ۽ ناپر ڳوٺ واسي محمد نواز مهر جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ ڪارنهن جي تڪرار جو نبيرو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر جي سرپئنچي هيٺ مهر هائوس وزير آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي فيصلي ۾ ۾ ناپر ڳوٺ واسي محمد نواز مهر واري ڌر تي ڪارنهن سميت ٽن خونن ۽ زخمين جو مجموعي طور تي 82 لک ڏنڊ وڌو ويو .جنهن ۾ نوجوان عبدالخالق مهر تي ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ تي پنج لک .قتل ٿيل ٽن ڳوٺاڻن فقير محمد مهر .محبت الله مهر ۽ رضا محمد مهر جي قتل جا 60 لک زخمين جا 15 لک ۽ ڪيس ڪرڻ جا اڍائي لک مجموعي طور تي 82 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جيڪا مختلف قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي .نبيري کانپوء ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.