گولاڙچي (پ ر)عوامي تحريڪ طرفان سنڌ دشمن منصوبن خلاف 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ "زمينون، قومي وجود ۽ وسيلا بچايو” احتجاجي ريلي جي سلسلي ۾ مرڪزي صدر لال جروار، ضلعي بدين جي صدر، جاکرو نوحاڻي، ڌڻي بخش نوحاڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اياز صالح پليجو، غلام علي نوحاڻي ۽ ٻين تعلقي شهيد فاضل راهو جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪياسنڌ جي بي باڪ، بهادر ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ شهيد عوام محمد فاضل راهو ۽ شهيد صديق راهو جي مزارن تي چادر چاڙهي سلامي ڏني وئي. پريس ڪلب گولاڙچي، ٽي وي چئنلس پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. محمد حسن چانگ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۽ محمد راڄو ۾ جلسي عام ڪيو ويو. ريلي ۾ شرڪت لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي لال جروار چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ۽ ڌاريا آڻي سنڌي قوم جو قومي وجود ختم ڪرڻ جون منصوبابنديون ڪيون پيون وڃن، لکين افغانين، برمين، بنگالين ۽ بين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ نادرا جي آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن. افغاني ۽ ٻيا لکين غير ملڪي هٿيارن ۽ منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ خودڪش حملا ڪري ملڪ جي سالميت لاء خطرو آهن. جن کي واپس موڪلڻ جو ٽائم ڏيڻ بجاءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪري واپس موڪلڻ لاء جلد کان جلد سخت قدم کنيا وڃن