ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ 3 زخمي ڦورن سميت چئن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو آهي. سائٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي پوليس مطابق سپر ھاءِ وي ڀرسان پاڪستان ڪانٽا لڳ پوليس ۽ ملزمنن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڦورو عباس ولد الياس کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. شاھراع فيصل ٿاڻي جي پوليس موجب شاھراهه فيصل تي ڊرگ روڊ پل ڀرسان پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي وج ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڦورو فيصل احمد ولد جاويد احمد کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پستول ڦر ڪيل ڪار ھٿ ڪري ورتي آهي. موچڪو ٿاڻي جي پوليس موجب مشرف ڪالوني ڀرسان ڀوتاني ڪٽ لڳ پوليس مقابلي ۾ زخمي ملزم محمد پيرل ولد محمد جاويد کي ساٿي ملزم فرياد ولد محمد رياض کي گرفتار ڪندي 2 پستول موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي .