ٺٽو ( ڊ ر ) ٺٽي جي مسيحي ڪالوني واسي مغوي عرفان عرف ماني مسيح جي بازيابي لاءِ 3هين ڏينهن به مغوي جي وارثن پاران قائم ڪيل ڪئمپ ۾ احتجاجي علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن ته پريس ڪلب ٺٽي آڏو ، ڪراچي ٺٽو قومي شاهراھ ڀرسان قائم ڪيل ڪئمپ ۾ احتجاجي علامتي بک هڙتال تي ويٺل مغوي جي والده رضيا مسيح ، مغوي جي گھرواري اقصيٰ مسيح ، مغوي جي والد بشير مسيح ، فياض مسيح ۽ ان جي ٻين وارثن احتجاج ڪندي چيو آهي ته عرفان عرف ماني مسيح کي اغوا ٿئي 22 هون ڏينهن آهي پر مغوي نوجوان جي بازيابي ۾ پوليس سميت سندن ڪوئي مدد ڪرڻ وارو ناهي ، هنن چيو ته هو غريب شهر مان ٻوهارو ڪڍي پنهنجو مشڪل سان پيٽ گذران ڪن ٿا پر نوجوان کي اغوا ڪندڙن پاران سندس بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي هنن چيو ته هو ڪٿان ايڏي وڏي رقم آڻيندا هنن چيو ته سندن نوجوان کي اغوا ڪندڙن قمبر شهداد ڪوٽ ۾ رکيو آهي جڏهن ته هنن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آهي ته ميونسپل ڪميٽي جي ڪچي ملازم عرفان عرف ماني مسيح کي آزاد ڪرايو وڃي.