اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته مون کي نٿو لڳي ته عثمان ڊار ڪنهن دٻاءُ ۾ انٽرويو ڏنو، عثمان ڊار گرفتاري جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي، نيب ۾ عثمان ڊار جي والد منهنجي خلاف درخواست داخل ڪئي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عثمان ڊار جي والده جو گهڻو احترام ڪريان ٿو، هوءَ منهنجي وڏي ڀيڻ وانگر آهي، هن جي ڳالهين تي ڪو به ردعمل نه ڏيندس،عثمان ڊار پنهنجي اڳواڻ تي سنگين الزام مڙهيا آهن، ڪو شڪ ناهي ته هن وقت پي ٽي آءِ تي دٻاءُ آهي، عثمان ڊار اعتماد سان انٽرويو ڏنو.
اينڪر جي گهر سيٽ ڪيئن تيار ٿيو. عثمان ڊار جي انٽرويو بابت سوال
اسلام آباد( م ڊ) سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن اعتراض اٿاريا ته اينڪر جي رهائشگاهه تي انٽرويو ڇو ورتو ويو، جڏهن ته ٻين خدشن جو اظهار ڪيو ته ڪيترن ئي موقعن تي اينڪر عثمان ڊار کي چيو ته هو اڳ کان وڌيڪ تازو نظر اچي رهيو آهي. عثمان فرحت نالي هڪ صارف لکيو ته ٽن هفتن کان اغوا ٿيل عثمان ڊار اوچتو ڪامران شاهد جي گهر پهچي ويو، اتفاق سان امران شاهد ان ڏينهن اسٽوڊيو وڃڻ بدران گهر ۾ هو. انٽرويو جي جواب ۾ پي ٽي آءِ عثمان ڊار جي والده جو هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته عثمان ڊار سياست ڇڏي آهي، ماءُ نه. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ هوءَ پاڻ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجه آصف سان ملاقات ڪندي. ”منهنجو چيلنج آهي ته تون ميدان ۾ اچين ۽ ڏس ته مان تنهنجي شينهن کي ڇا ٿو ڏيان“. هن چيو ته مان عمران خان سان گڏ آهيان ۽ ثابت قدم رهندس.
عثمان ڊار جي اغوا بعد ڏنل بيان جي حيثيت ناهي: نعيم پنجوٿا
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو آهي ته عثمان ڊار کي اغوا ڪري 164 جو بيان ڏيڻ جي قانوني حيثيت ناهي، 164 جي بيان لاءِ ان شخص جي رضامندي ضروري آهي،اغوا ٿيڻ کانپوءِ ئي هن جو بيان ڇو آيو؟ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عثمان ڊار جي والده کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو پارٽي کي ڪرڻو آهي، 9 مئي کانپوءِ ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، سڀني ڏٺو گهرڀاتين تي تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، سندن ڪاروبار سيل ڪيا ويا، هن چيو ته عمران خان جو ڪو به بيان ناهي ته ڀڃ ڊاهه ڪريو، جاچ جي ڳالهه ڪير نٿو ڪري، هر ڪو پابندين جي ڳالهه ڪري ٿو، پي ٽي آءِ کان بغير اليڪشن جي ڳالهه ڪئي وئي، هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ وڪيل قتل ٿيو، اڌ ڪلاڪ ۾ عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪي ويو، رڳو پي ٽي آءِ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، ٻين پارٽين کي ڇوٽ مليل هئي.