ڪراچي/ سڪرنڊ (رپورٽر+ن ع آ)جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ ۽ سياسي سيل جي انچارج عبدالحفيظ بجاراڻي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد ايس يو پي سربراهه سيد زين شاھ سان سيد ھائوس پھچي ملاقات ڪئي. وفد ۾ صوبائي اڳواڻ علامه حزب الله جکرو، ضلعي اڳواڻ راشد مڪرم پڻ شامل ھئا. ٻنھي اڳواڻن سنڌ ۾ سياسي انتخابي صورتحال ۽ سنڌ کي سورن مان ڪڍڻ لاءِ جاکوڙ اتفاق ڪيو ۽ چيو ته پ پ جي سنڌ ۾ مسلسل پندرھن سالن واري دور ۾ عوام کي بک بدحالي توڙي محرومين کان سواءِ ٻيو ڪجھ پلئه ناهي پيو. عوام ڪاري دور کان پوءِ پ پ مخالف ڌرين کي متحد ٿيل ڏسڻ چاھي ٿو. جماعت اسلامي جي وفد ماڙي جلباڻي واقعي سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي سائين زين شاھ جي جرائتمنداڻي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. سيد زين شاھ چيو ته وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جو عوام ھڏ ڏوکي ۽ رت چوسيندڙ قيادت ۾ فرق محسوس ڪري