مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع

لاهور(م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي  کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب چوڌري مونس الاهي جي گرفتاري وارنٽ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار مونس الاهي گرفتاري کان لڪي رهيو آهي، عدالت گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا پر جوابدار روپوش ٿي چڪو آهي.

علي وزير جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور

اسلام آباد(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر علي وزير جي ترنول  ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتاريءَ کان روڪي ڇڏيو. ڪالهه ٻُڌڻيءَ دوران علي وزير جو وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جي جج چيو ته پوليس علي وزير کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان ڪو جواز پيش نه ڪري سگهي.

اسرائيلي ۽ فلسطيني عورتن جي امن لاءِ گڏيل ريلي

رام الله(م ڊ) سوين فلسطيني عورتن ولاريل اولهه ڪناري ۾ القدس  ۾ ريلي ڪڍي  ۽ اسرائيل فلسطين تڪرار جي خاتمي جو  مطالبو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب مظاهرو ڪندڙن ” اسان امن چاهيون ٿا“ جا نعرا لڳايا، اڇا ڪپڙا پهرين عورتن جي هٿن  ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي “ اسان جي ٻارن کي مارڻ بند ڪيو“ جا نعرا لکيل هئا، واضع رهي ته اهو پهريون موقعو اهي جڏهن اسرائيلي ۽ فلسطيني عورتن وچ ۾ برابري جي سطح تي حقيقي شراڪت داري ٿي رهي آهي، هلندڙ سال هن وقت تائين اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 243 فلسطيني ۽ 32 اسرائيلي مارجي چڪا آهن.

ڪراچي ۾ وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪندڙ ٻه دڪان سيل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ وڌيڪ قيمت تي کير وڪرو ڪندڙ 2 دڪان سيل ڪيا ويا آهن. ڪمشنر  ڪراچي پاران کير جي مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڊيفنس ۽ ڪلفٽن جي علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب ڪمشنر سليم راجپوت ذاتي طور تي 230 رپيا ڪلو کير خريد ڪيو ۽  اسسٽنٽ ڪمشنرز کي وڌيڪ قيمت تي کير وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪاروائي جي ھدايت ڪئي

11 ڪروڙ پاڪستانين جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي وڪرو،وفاق کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار  احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ساڍا 11ڪروڙ پاڪستانين جي حساس ڊيٽاڊارڪ ويب تي وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي بدران وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪيو وڃي،وفاقي حڪومت کي عدالتي نوٽيس جاري ٿيندا ته جواب ڏيئي عدالت پهرين نومبر تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.