لاڙڪاڻو(رپورٽ:مرتضي ڪلهوڙو) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف 15 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن غيرقانوني افغانين کي نيڪالي نه ڏني وئي ته ٻي صورت 19 نومبر تي لکين سنڌي ماڻهن کي حيدرآباد ۾ گڏ ڪري جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي گو افغاني گو تحريڪ هلائي ويندي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪار افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جو عذاب سنڌي ماڻهو چئن ڏهاڪن کان ڀوڳي رهيا آهن اهو عذاب هاڻي خوفائتي شڪل اختيار ڪري وئي آهي انهن نه صرف امن امان پر سنڌ جي وجود لاءِ به مسئلا پيدا ڪيا آهن، ضيائي دور کان وٺي سنڌ جي سمورن شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ پاڙن توڙي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين تعليمي ادارن ۾ افغانستان جا ماڻهو منشيات، هيروئن، آئيس هٿيار، اينٽي ڪرافٽ گن، چوري جو ڪپڙو ۽ اسمگلنگ جو سامان وڪرو ڪري رهيا آهن هاڻي اهي سرعام ماڻهو ماري دهشتگردي ڪن ٿا، هن چيو ته سرڪار طرفان 40 لک افغانين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي کي سنڌ جي ماڻهن حقيقي سمجهيو پر 3 تاريخ تي باضابطه اعلان باوجود افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جي شروعات نه ٿي آهي، هن چيو ته 40 لک غيرملڪين جا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ته نادرا ٺاهيا آهن جيڪو سنگين ڏوهه آهي ۽ اهو ڏوهه نادرا ڪيو آهي جن آفيسرن کي ته گرفتار نه ڪيو ويو جنهن ڪري نادرا رشوت جي بازار بند نه پئي ڪري پهريان انهن ماڻهن کي ته ڪڍو. هن چيو ته ڪراچيءَ جو ڪو به محلو يا علائقو ناهي جتي افغان بستي نه هجي ڇا اهي افغاني توهان کي نظر نه ٿا اچن. لاڙڪاڻو، ڪشمور، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪوٽڙي، اها ڪهڙي جڳهه يا شاهراهه آهي جتي غيرملڪي افغاني ناهن، هن چيو ته سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ۾ پنهنجن ماڻهن مٿان گوليون وسائي انهن کي دهشتگرد چيو ٿو وڃي ته هي دهشتگرد آهن پر افغانين تي گولي نه هلڻ گهرجي ۽ انهن کي ڪڍڻ گهرجي، گوليون به اسان سنڌين کي لڳنديون آهن ۽ غدار به اسان سنڌي آهيون پر افغانين کي ڇو نه ٿو ڪڍيو وڃي جن کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي، هن چيو ته چمن ۽ طورخم بارڊر تي سنڌ جا ماڻهو ناهن اتي اسمگلنگ کي روڪيو وڃي ان ۾ سنڌي ماڻهن جو قصور ناهي