دائود يونيورسٽي جي ٻن شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ خلاف جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ في ۾  اضافي خلاف احتجاج ڪرڻ تي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ٻن شاگردن جي داخلا معطل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميا سميت ٻين کي 19نومبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي،درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته احتجاجي مظاهر يونيورسٽي جي حد کان ٻاهر هو .يونيورسٽي سميع الله ،عزيز سميت ٻين جي داخلا معطل  ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته امتحان ڪڏهن ٿي رهيا آهن .وڪيل جو چوڻ آهي ته 9آڪٽوبر تي فائنل ايئر انجئينرنگ جا امتحان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.