ڪرنسي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ تربيت يافته ڪتن جو استعمال

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪرنسي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ تربيت يافته ڪتن جو استعمال شروع ڪيو ويو، ڪسٽم کاتي جهازن ذريعي ڪرنسي  ي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ خاص تربيت يافته ڪتا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن  ڪسٽم ذريعن موجب پاڪستان جي سمورن وڏن ايئرپورٽن تي ڪرنسي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ تربيت يافته ڪتن کي استعمال ڪيو پيو وڃي،ڪتن کي خاص طور تي ٽريننگ ڏني وئي آهي ته اهي سامان ۽ مسافرن جي سامان ۾ ڪرنسي جي نشاندهي ڪن ۽ جهازن جي اندر ڳجهن جڳهن جي پڻ تلاشي ورتي پئي وڃي ته جيئن ڳجهي حصن ۾ ڪرنسي به لڪائي سگهجي ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊالر ۽ ٻين ڪرنسي جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سمورين ملڪي ۽ غير ملڪي ايئر لائنز جي بين الاقوامي پروازن جي خاص اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪسٽم اختياريون هر ممڪن وسيلا استعمال ڪري رهيون آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.