ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ حاجي ليمون ڳوٺ گلشن اقبال ۾ نالي تان حدخليون ختم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران ڌرين کان جواب طلب ڪندي 26آڪٽوبر تائين ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو.جڏهن ته اين ڊي ايم اي ،ڪراچي جي ڪمشنر سميت ٻين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي .درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته گلشن اقبال 3۽ 4۾ سموروقبضو آهي .سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود حاجي ليمون ڳوٺ جي برساتي نالي تي حدخليون ختم نه ڪيون ويون آهن .عدالت چيو ته نالن تي حدخليون جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو موجود آهي ان تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي .