ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا سمورا معاملا ويهين گريڊ جي ٻن آفيسرن حوالي، 20هين گريڊ جي انجنيئر سمت علي خان کي سمورن ضلعن جا پنج عهدا ته ٻي طرف 20هين گريڊ جي انجنيئر بينش شبير کي ڇهه عهدن سان نوازيو ويو. تفصيل موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20هين گريڊ جي انجنيئر سمت علي خان کي سنڌ جي هڙني ضلعن جو ڊائريڪٽر ڊيموليشن، ڊائريڪٽروئيٽ آف ويجيليئن اينڊ ڪائونٽر چيڪنگ، ڪمپلين سيل ۽ سنگل ونڊو فيسلٽي جي چارج حوالي ڪئي وئي. ٻي طرف 20هين گريڊ جي انجنيئر بينش شبير کي آرڪيٽيڪچر ۽ پلاننگ ون ايڊ ٽو، پبلڪ سيل ايڊورٽائيزمينٽ، اسٽرڪچر، لائسنس اينڊ رڪارڊ ۽ انوائرونمينٽ اينڊ بلڊنگ سروس جي عهدن جي چارج ڏني وئي. جڏهن ته سمورن فائلن جي منظوري ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اسحاق کهڙو جي منظوري لازمي هوندي.