ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران غيرقانوني پرڏيهين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند جي صدارت هيٺ ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او)  ۾ ڪرائم بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو .ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڏوهن جي صورتحال، فرار ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف پوليس ڪاررواين جو به جائزو ورتو ۽ اسٽريٽ ڪرائم سميت منشيات، اسمگلنگ، گٽڪي ۽ ٻين سماجي براين ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو .شهر ۾ موٽرسائيڪل، گاڏين جي چوري، ڀتا خوري ۽ اغوا جهڙن ڏوهن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي غير قانوني پرڏيهين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا .اجلاس جي آخر ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.