نوشهروفيروز(رپورٽ: ايم ظفر تڳر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو وفاقي حڪومت پاران افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ واري عمل کي ساراهيندي مطالبو ڪيو آھي ته 1980 کانپوءِ آيل سمورن افغانين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن وڌيڪ چيو ته ھن وقت ملڪ ۾ 75 لک افغاني رھندڙ آھن جن مان لکين افغانين ملڪ جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺھرائي ڇڏيا آھن جيڪي رد ڪيا وڃن. ھنن چيو ته افغانين سبب ملڪي معيشت تباھ ٿي آھي دھشتگردي جا واقعا وڌيا آھن. ھنن اعلان ڪيو 8 آڪٽوبر تي گو افغاني گو ريلي محرابپور ۾ ڪڍي ويندي.