اسلام آباد(م ڊ) واپار واري وزارت افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت پاڪستان کان افغانستان کي 212 شين تي پابندي لڳائي ڇڏي.افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت سامان پاڪستان کان افغانستان منتقل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. واپار واري وزارت ايس آر او نمبر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايس آر او نمبر 17 موجب ڪپڙي جي هر قسم جي گاڏين جا ٽائر، چانهه جي پتي، کاسمیٹڪس ۽ ٽوائلٽ ۾ استعمال ٿيندڙ درجنين شين تي پابندي لڳائي وئي آهي.ان کان علاوه ميون، خشڪ ۽ تازو ميوو، فرج، ريفريجريٽر، ايئر ڪنڊيشنر، جوسر، ميڪر بلينڈر به افغانستان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.