پاڪستان مان غيرقانوني افغانين جي واپسي شروع

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ 30 افغان خاندانن کي کڻي 16 ٽرڪون  طورخم بارڊر پهچي ويون آهن.ٽرڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ساڍا ٽي سئو ماڻهن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي.ٻئي طرف سڄي ملڪ ۾ غير قانوني افغان رهواسين خلاف ڪارروايون جاري آهن، اسلام آباد جي مارگلا ٽائون ويجهو غيرقانوني افغان آبادي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.هوڏانهن سڄي ملڪ جي 5 وڏين جيلن ۾ ايف آءِ اي اميگريشن ڪائونٽر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن پرڏيهي شهري وٽ رهائش جو ثبوت نه هوندو انهن کي جيل موڪليو ويندو، اميگريشن اٿارٽي کين جيل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪندي، لاڳاپيل پوليس ۽ بارڊر. علائقي جي پوليس انهن رهاڪن کي سرحد پار ڪندي.افغان ڪمشنر خيبرپختونخواهه موجب صوبي ۾ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ 1 لک آهي، 7 لک 75 هزار افغان غير قانوني طور پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جن مان 3 لک کان وڌيڪ افغان شهري آهن، جيڪي طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.