گم ڪيل ماڻهن جا ڪيس پاڪستان تي ڪارو چٽو آهن، رياست ڪجهه نه ٿي ڪري:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گُم ڪيلن جي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته گُم ٿيل ماڻهن جا ڪيس دُنيا ۾  پاڪستان جي نالي تي ڪارو ٽِڪو هڻي رهيا آهن، توهان جا شهري  محفوظ نه هجن ته ڪوبه ملڪ توهان کي ڊالرز نه ڏيندو   . عدالت ۾ معاون وڪيل فيصل صديقي چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته ماڻهن کي ڪير کڻي ويندو آهي، عدالت کي شهرين جي گُمشدگي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪرڻ گهرجي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر هر ڊائريڪشنز جاري ڪندا آهيون، پر ڪير به عملدرآمد نٿو ڪري، ماڻهو لاپتا ٿين ٿا پر رياست ڪجهه نٿي ڪري، رياست طاقتور آهي، پر گُم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ چوي ٿي اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. جسٽس عامر فاروق چيو ته 5 سالن کان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اسان کي ائين ويهندي شرمساري ٿئي ٿي، ماڻهن جو گُم ٿيڻ ملڪ لاءِ بدنامي جو ڪارڻ آهي . عدالتي مددگار فيصل صديقي چيو ته انٽيليجنس ايجنسيون عدالت سامهون چونديون آهن ته اسان ناهي کنيو، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته انٽيليجنس ايجنسيون ماڻهن کي گم ڪنديون آهن، عدالتن کي شهرين کي گم ڪرڻ جو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪرڻ گهرجي. عدالت چيو ته هر هر هدايتون جاري ڪندا آهيون پر ڪو عمل نه پيو ٿئي، ماڻهو گم ٿي ويندا آهن پر رياست ڪجهه ناهي ڪندي، رياست طاقتور آهي پر گم ٿيلن جي ڪيسن ۾ چوندي آهي ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته 5 سالن کان اهي اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اسان کي ائين ويهندي به لڄ ٿيندي آهي، ماڻهن جو گم ٿيڻ ملڪ جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اهڙن ڪيسن سان پاڪستان جي نالي تي ڪارو چُٽو لڳي رهيو آهي، ڪو ملڪ توهان کي ڊالر نه ڏيندو جيڪڏهن توهان جا شهري محفوظ نه هوندا، وزيراعظم به پيش ٿي هن عدالت کي گمراهه ڪيو، وزيراعظم ايندو ته ان جون ترجيحون ڪجهه ٻيون هونديون.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن. چيف جسٽس چيو ڪميٽي ٺهي ته پوءِ ڇا ٿيو سڀني کي خبر آهي، عملي ڪم ڪيو. جسٽس ميان گل حسن چيو اٽارني جنرل وزيراعظم سان ملي ۽ اڳڀرائي تي رپورٽ وٺي اچي، اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي مدد ڪري. ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.